“نشي ۾ هون”: دپيڪا، عاليه  ڀٽ ۽ شرڌا جون تصويرون وائرل

“نشي ۾ هون”: دپيڪا، عاليه  ڀٽ ۽ شرڌا جون تصويرون وائرل

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ)  بالي ووڊ جون 3سندريون دپيڪا پوڊڪون، عاليه  ڀٽ ۽ شرڌا ڪپور شراب ۽ سگريٽ واپرائڻ سبب تنقيد هيٺ اچي ويون آهن، ميڊيا رپورٽن موجب دپيڪا پوڊڪون، عاليه  ڀٽ ۽ شرڌا ڪپور  جي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي وائرل ٿيل تصويرن ۾کين پارٽي جي ماحول ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جتي شراب نوشي ۽ سگريٽ نوشي جا منظر نمايان آهن. هڪ تصوير ۾ دپيڪا پڊوڪون سگريٽ پيئڻ دوران اسموڪ رِنگز (دونهين جا ڇلا ) ٺاهيندي نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته شرڌا ڪپور هٿ ۾ شراب جو گلاس کڻي ڪيميرا سامهون پوز ڏيندي نظر اچي رهي آهي، عاليا ڀٽ پڻ ٻنهي اداڪارائن جي ڀرسان ويٺل آهي، جنهن جي چهري تي مسڪراهٽ آهي، اهي منظر سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويا آهن، انهن تصويرن تي مختلف رايا سامهون اچي رهيا آهن،  انهن تصويرن تي تبصرن جو سلسلو پڻ جاري آهي. ٽنهي سندرين جي حامين جو چوڻ هو ته شهرت ۽ دولت کانپوءِ، اهڙيون گڏجاڻيون ۽ طرز زندگي عام ٿي چڪو آهي،