نصرپور (ن پ ا) نصرپور مان عيد جي ٻي ڏينهن گم ڄاڻايل گونگي عورت 4 ٻارڙن جي ماءُ مارل پرھياڙ بدين مان هٿ اچي وئي
جنھن کي وارث ۽ پوليس وٺي نصرپور پھتا. سماجي اڳواڻ اسحاق پرھياڙ ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته ڀيڻ جو ڏس سوشل ميڊيا ذريعي پيو جيڪا بدين ۾ موجود هئي، اهڙي خبر ملڻ بعد اسان ۽ پوليس ان کي اتان هٿ ڪري پنھنجي شهر واپس آندو آهي
ان مطابق کيس ڪورٽ ۾ پوليس پيش ڪندي، ان وڌيڪ ٻڌايو ته شروعاتي ان کان ورتل معلومات موجب هو بدين پهتي هئي جن کي ڪن ماڻهن ڏسي ان جو ڦوٽو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو
جنھن بعد سندس بدين ۾ هئڻ جي خبر پئي. واضع رهي ته مذڪوره عورت ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم آهي جيڪا عيد جي ٻئي ڏينهن پنهنجي ڳوٺان پنهنجي مائٽن وٽ نصرپور لاءِ گهمڻ لاءِ نڪتي هئي
جيڪا رستي مان گم ٿي وئي هئي جنھن جي گھڻي ڳولا جي نه ملڻ تي سندس ڀاءُ اسحاق پرھياڙ شڪ ظاهر ڪندي نصرپور ٿاڻي تي سندس اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ھو