نصيرآباد : نوجوان ۽ ناري پاران آپگهات جي ڪوشش
جُون 19, 2025
نصيرآباد (پنهنجي ڊيسڪ ) نصيرآباد ۾ نوجوان ناري سميت ٻن ڄڻن پاران ڌار ڌار مبينا آپگهات جي ڪوشش، اسپتال منتقل، نصيرآباد ڀرسان ڳوٺ حمزو ڀٽي ۾ نوجوان امير علي ڀٽي۽ ڳوٺ ابڙا ۾ نوجوان ناري نينا بروهي مبينا طور زهر پي ڇڏيو،ناري ۽ نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽر سندن جي حياتي بچائڻ ۾ مصروف آهن .