نصيرآباد ٽائون ڪميٽي تي کدڙي فقير جي مخصوص سيٽ لاءِ اميدوار نه مليو

جُون 3, 2023

گاجي کهاوڙ(ن پ و) نصيرآباد جي ٽائون ڪاميٽي جي مخصوص 9 سيٽن مان 8 سيٽن جا نالا فائنل ڪيا ويا، جڏهن ته کدڙي فقير جي مخصوص سيٽ رهجي وئي

ٽائون ڪاميٽي  جي مخصوص سيٽن لاءِ رٽرننگ آفيسر قمبر پاران ڪامياب ڪائونسلرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي

نوٽيفڪيشن تحت ليبر جي مخصوص سيٽ تي پ پ سٽي صدر ضمير حسين مسڻ، يوٿ جي سيٽ تي محمد يوسف شابراڻي، معذور سيٽ تي عاشق علي سولنگي ڪامياب قرار ڏنا ويا

اقليتي سيٽ تي وڪيش ڪمار آھوجا، عورتن جي سيٽن تي رخسانه ڦلپوٽو، حميده بانو ڪلهوڙو، رضيه چنا، شمع خاتون جا نالا فائنل ڪيا ويا آھن

 کدڙي فقير جي مخصوص سيٽ رهجي وئي آھي جتي ڪنهن به کدڙي اميدوار جو فارم نه ڀرايو ويو هو جنهن سب اها سيٽ خالي پيل آھي

 هوڏانهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت ٽائون ڪاميٽي نصيرآباد تي ٽائون چيئرمين جي اميدوار جو نالو هن وقت تائين فائنل ناهي ڪيو ويو جيڪي ڪائونسلر ٻڏتر جو شڪار آھن ۽ سڀني جي ڊڪ ڊوڙ جاري آھي

Leave A Comment