نصيرآباد ۾ استاد کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

مَي 16, 2023

نصيرآباد( ن پ ا) وارھ واسي گسٽا اڳواڻ استاد علي مردان بروهي کي  گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف نصيرآباد  جي استادن  علي اڪبر ڪانڌڙو،  نجي ﷲ چنا ، محمد عثمان، سعيد لوهر ۽ ٻين پاران هاء اسڪول ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين جو چوڻ هيو ته لاڙڪاڻي  سچل ٿاڻي جي پوليس استاد علي مردان بروهي کي بنا جواز گهر ۾ گهڙي، چادر چوديواري جو تقدس پائال ڪندي، پنج ڏينهن اڳ گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو ڪوبه پتو نه پيو پوي احتجاج ڪندڙن آءِ جي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته گرفتار استاد کي ظاهر ڪيو  وڃي ٻي صورت احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو

لاڳاپيل پوسٽون

  • حڪومت پئٽرول جا اگهه وڌائي ڇڏيا

  • رستم: ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا مبينا اغوا

  • شڪارپو مان اغوا ٿيل نينگر بازياب

  • ايران حملو ڪيو ته جواب ڏبو : ٽرمپ