| نصيرآباد ۾ بدامني خلاف ٻئي ڏينهن به ڌرڻو، پوليس کي مهلت |
نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد مين پرائمري اسڪول ۾ چوري واقعي خلاف ٻئي ڏينهن به شهري اتحاد جي سڏ تي ريلي ڪڍي ٿاڻي اندر احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن ڪامريڊ سينگار نوناري، احمد علي واھوچو، عبدالوهاب بروهي،خدا بخش سانگهرو، ضمير مغيري ۽ ٻين چيو ته پوليس چوري ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، هنن چيو ته 10 لک ماليت جون بيٽريون چوري ٿي ويون آهن، جيڪا پوليس جي لاپرواهي آهي، هنن چيو ته پوليس کي 48 ڪلاڪن جي مهلت ڏيون ٿا، جيڪڏهن جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.