نصيرآباد ۾ سول سوسائٽي جو پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاج
جُولاءِ 2, 2025
نصيرآباد(پنهنجي ڊيسڪ) نصيرآباد ۾ سول سوسائٽي نصيرآباد پاران چار سال اڳ سنگرار شهر مان اغوا ٿيل پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ رياض ڦلپوٽو، جي ايم لاشاري، علي گل ڪانڌڙو، ڪاظم رضا جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پبلڪ پارڪ ۾ احجتاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي آهي
اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته محرم الحرام جي مهيني ۾ سبيل هلائيندي اغوا ٿي وئي هئي جنهن کي هن وقت 4 سال گذري ويا آهن پر پيپلزپارٽي جي حڪومت ڪک ڀڃين ٻيڻو ناهي ڪيو، هنن وڌيڪ چيو ته معصوم پريا ڪماري کي ظالمن جي قيد مان آزاد ڪرائي ان جي امڙ جي بيچيني ختم ڪئي وڃي .