نصيرآباد ۾ شاهه لطيف ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جنگي واهه ٽائيگرز کٽي ورتو

نصيرآباد ۾ شاهه لطيف ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جنگي واهه ٽائيگرز کٽي ورتو

نصيرآباد (رپورٽ: سميع لاشاري) شاهه لطيف ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پڄاڻي تي پهتو، جنگي واهه ٽائيگرز ٽرافي کٽي ورتي تفصيل موجب نصيرآباد ڪرڪيٽ بورڊ جي ماتحت هلندڙ شاهه لطيف ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ويو. فائنل شهنشاهه بوائز ۽ جنگي واهه ٽائيگرز وچ ۾ کيڏيو ويو، جنگي واهه ٽائيگرز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 9 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 156 رنسون ٺاهيون. نادر بروهي 81 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته طارق 32 رنسون ٺاهيون. شهنشاهه بوائز طرفان مجاهد 3 اوورن ۾ 43 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ۽ ڪامران 2 اوورن ۾ 41 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. جواب ۾ شهنشاهه بوائز جي ٽيم مقرر 9 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 125 رنسون ٺاهي سگهي. بابر ڦلپوٽو 35 ۽ عدنان ڪوري 34 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو. جميل بروهي 3 اوورن ۾ 40 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون، جڏهن ته رفيق بروهي 3 اوورن ۾ 42 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. فائنل ميچ جو هيرو نادر بروهي رهيو. ٽائون ڪاميٽي نصيرآباد چيئرمين انجنيئر يوسف عزيز ڇٽو، شهري اتحاد جي صدر ڪامريڊ سينگار نوناري، سماجي اڳواڻ غفار تنيو، ڪامريڊ ابراهيم چانڊيو ۽ ٻين کٽيندڙ ۽ هارائيندڙ ٽيمن جي رانديگرن ۾ انعام ورهايا.