| نصيرآباد ۾ شهرين جو بدامني خلاف ٿاڻي آڏو ڌرڻو، هڙتال جو چتاءُ |
نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد ۾ شهرين مٿان ڪيس داخل ٿيڻ، بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ بدامني خلاف شهري اتحاد نصيرآباد پاران شاھ لطيف پبلڪ پارڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ڪامريڊ سينگار نوناري، زاھد تنيو، ضمير مغيري، رياض ڦلپوٽو، عبدالوهاب بروهي، محب ڦلپوٽو ۽ ٻين چيو ته پوليس پرامن احتجاج ڪندڙ شهرين مٿان دهشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته تعلقي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، 14 کان 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ سبب شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو. ٻي طرف ايس ايڇ او نصيرآباد پاران 25 شهرين مٿان دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو،
وڪيل شبير احمد جتوئي ۽ وڪيل عنايت اللـ تونيو اي ٽي سي ۾ پيش ٿيا، وڪيلن جي دليلن بعد عدالت ايف آءِ آر مان دھشتگردي جا سيڪشن ختم ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪندي ڪيس واپس نصيرآباد ٿاڻي تي موڪلي ڇڏيو .