| نظام جي خرابي جي سزا جوابدار کي نٿي ڏئي سگهجي: سپريم ڪورٽ |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ قتل ڪيس ۾ ديت جي رقم جي تعين بابت اهم ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو. جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ جوابدار نديم خان جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت ديت جي رقم جي تعين بابت اهم سوالن تي دليل ٻڌا. جوابدار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سندس موڪل پنهنجي سزا مڪمل ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي رڳو ديت جي رقم ادا نه ڪرڻ سبب سزا ڪاٽي رهيو آهي. پراسيڪيوٽر پي ارشد حسين عدالت کي ٻڌايو ته هي پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪيس آهي، جڏهن ته ديت جي رقم جي تعين بابت هاءِ ڪورٽ جو فيصلو پڻ موجود آهي. سندس چوڻ هو ته هن وقت ديت جي رقم تقريبن هڪ ڪروڙ 97 لک رپيا آهي. جسٽس هاشم ڪاڪڙ پڇاڻو ڪيو ته ديت جي رقم واقعي جي وقت، گرفتاري جي وقت يا سزا ٻڌائڻ وقت جي حساب سان مقرر ٿيندي. ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏنا ته قتل ڪرڻ ٿورو مهانگو ٿي وڃي ته شايد ماڻهو قتل کان پاسو ڪن. هن چيو ته سعودي عرب ۾ اڄ به ديت طور 100 اُٺ ڏنا ويندا آهن. جسٽس اشتيـاق ابراهيم ريمارڪس ڏنا ته وقت تي فيصلو نه ٿيڻ نظام جي خرابي آهي، پر نظام جي خرابي جي سزا جوابدار کي نٿي ڏئي سگهجي. پراسيڪيوٽر ارشد حسين چيو ته جوابدار جي عمر جو تعين به گرفتاري جي وقت کان ڪيو ويندو آهي. عدالت معاملي تي سمورن پراسيڪيوٽرن کي لکت ۾ معروضات جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي نديم خان جي اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.