نظربند شهرين کي ڪراچي کان ٻئي شهر منتقل نه ڪرڻ جو حڪم

مَي 22, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم پي او تحت نظربند شهرين بابت عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو  سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته نظربند شهرين کي ڪراچي کان ٻاهر منتقل نه ڪيو وڃي

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ درخواست تي حڪم جاري ڪيو درخواست 10 شهرين جي نظربندي خلاف داخل ڪئي وئي هئي

عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي سنڌ سرڪار کان جواب طلب ڪري ورتو وڪيل چيو ته اهڙن نوجوانن کي به گرفتار ڪيو ويو جن جا امتحان جاري آهن

Leave A Comment