تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

نظم … زاھد علي ڀٽو

”اھڙا لڳا ھن نيب جا نشتر..! ”
اھڙا لڳا ھن نيب جا نشتر
ڪوئي روئي پيو ڪوئي رڙي پيو.
ڪوئي آھي دربدر
ڪوئي ملڪ بدر, ڪو جيل اندر
حال حقيقت ڪھڙي آھي؟
آھي ڀلا الائي ڪھڙو چڪر!؟
ڪو نيب کي چئي ٿو سياسي آھي
ڪوئي ٿو ڪوٺي ملڪ دشمني!
ڪنھن لاءِ آھي جان جو خطرو
ڪنھن کي ٿي لڳي خطري ۾ جمھوريت!
ڪنھن جي نيت ڪھڙي آھي؟
ڇا ھي ڀلا ڪنھن من جي اندر؟
لوڪ کي ناھي ڪائي خبر!
ڪنھنکي آھي ملڪ جو فڪر؟
ڪنھنکي ڀلاجمھوريت جي خبر!؟
لڳي ٿو آھي سڀ مال جو چڪر.
اھڙا لڳا ھن نيب جا نشتر
ڪوئي آھي دربدر
ڪو ملڪ بدر, ڪو جيل اندر
لڳي ٿو آھي سڀ مال جو چڪر

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *