گمبٽ (رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ ۾ جيالا اڳوڻي ايم پي اي جي مخالفت ۾ اچي ويا، زمينن تي قبضي جي ڪوشش، 11 حرن جي قتل ۾ ملوث هجڻ جو الزام، ٻيهر ٽڪيٽ ڏيڻ تي احتجاج جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو
ان ڏس ۾ هتي پ پ اڳواڻ سڪندر جوڻيجو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڳوڻي ايم پي اي نعيم کرل گمبٽ شهر ۾ ڪو به ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو، شهر موهن جي دڙي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي
هن الزام هنيو ته نعيم کرل قبضا مافيا آهي، جنهن قبرستان تي قبضو ڪيو ۽ ڳئوشالا سميت منهنجي زرعي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪئي
پ پ اڳواڻ چيو ته درازا سانحي ۾ 11 حرن کي مارائڻ ۾ نعيم کرل ملوث آهي، جيڪو پ پ قيادت کي پاڻ هام هڻي ٻڌائيندو رهندو آهي، جڏهن ته 11 حرن جي ڪيسن ۾ لوڙيون اسين پيا
هن چيو ته نعيم کرل ست قبي قبرستان تي قبضو ڪري منهنجي گھر واري سميت ٻين جون قبرون مسمار ڪري پنهنجو بنگلو ٺهرايو آهي، جنهن خلاف ڪورٽ جو درکڙڪائيندس
هن چيو ته پ پ قيادت اڳوڻي ايم پي کي هن ڀيري ٽڪيٽ ڏني ته رستن تي نڪري احتجاج ڪنداسين
هوڏانهن اڳوڻي ايم پي نعيم کرل رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سڪندر جوڻيجو غلط الزام هڻي رهيو آهي، حرن جي قتلن واري ڏينهن تي منهنجي ڳوٺ فوتگي ٿيل هئي، آنءُ اتي موجود هيس، آنءِ ته پولنگ تي نه ويو هيس، الزام بي بنياد آهن