نفرت جي پرچارڪ ڀارت جي پاڪستان سان بيڪ چينل ڊپلوميسي

نفرت جي پرچارڪ ڀارت جي پاڪستان سان بيڪ چينل ڊپلوميسي

نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي ميڊيا پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ بيڪ چينل سفارتڪاري جي دعويٰ ڪئي آهي. اخبار موجب ٻنهي ملڪن جي ماهرن، سياستدانن ۽ اڳوڻي سفارتڪارن مئي 2025 جي جنگ کان وٺي گهٽ ۾ گهٽ 4 بيڪ چينل ملاقاتون ڪيون آهن. ٽريڪ ٽو سفارتڪاري جو چوٿون دور هن سال فيبروري ۾ دوحا ۾ منعقد ٿيو هو. پهرين ٽريڪ ٽو ملاقات مئي 2025 جي جنگ کان 2 مهينا پوءِ ٿي. برطانوي ٿنڪ ٽينڪ انهن ملاقاتن ۾ سهولت فراهم ڪئي. شروعاتي ملاقاتن ۾ ماحول تمام گهڻو ڇڪتاڻ وارو هو. بعد ۾ ٿيل ملاقاتن ۾ لهجو نسبتاً نرم ۽ محتاط هو. هندستاني اخبار موجب مئي 2025 ۾ 4 ڏينهن جي شديد جهڙپن کان پوءِ، هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ باضابطه رابطا تقريبن ختم ٿي ويا آهن.