| نفرت وارو مواد ڦهلائڻ جي الزام هيٺ آيل سيد محمد جي ضمانت منظور |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ نفرت انگيز مواد ڦهلائڻ جي الزام هيٺ آيل سيد محمد جي ضمانت منظور ڪري ورتي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس نعيم اختر افغان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ نفرت انگيز مواد ڦهلائڻ واري ڪيس ۾ جوابدار سيد محمد جي ضمانت منظور ڪري ورتي. ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا جوابدار وٽان رڳو ڪتاب برآمد ٿيو آهي يا ان جي ورڇ جا به ڪي ثبوت موجود آهن. پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته جوابدار اسامه بن لادن بابت ڪتاب جي ورڇ ۾ ملوث آهي ۽ اُن جي موبائيل فون مان به نفرت انگيز مواد مليو آهي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ثبوت موجود آهن ته ٽرائل دوران سزا ڏياري وڃي. وڪيل صفائي عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار ساهيوال ۾ محنت مزدوري ڪندو آهي ۽ فيبروري 2025ع ۾ سي ٽي ڊي لاهور کيس گرفتار ڪيو، جڏهن ته برآمدگي بابت به تضاد موجود آهن. عدالت چيو ته آف دي رڪارڊ ڳالهين تي ڪا به راءِ نٿي ڏئي سگهجي. ڪيس ۾ صرف چار شاهد آهن ۽ وڌ ۾ وڌ سزا پنج سال آهي، تنهنڪري ٽرائل دوران ثبوت پيش ڪيا وڃن. في الحال جوابدار جي ضمانت منظور ڪئي وڃي ٿي.