نفرت ڪي دريافت: ڊجيٽل روح جو پوسٽ مارٽم

                 نفرت ڪي دريافت روسو جي اعترافي آتم ڪهاڻي وانگر لکيل ناهي، نـ ئي وري فيض ۽ منٽو جي بيٺڪيت جي دور ۾ لکيل ذهني ڇڪتاڻ جي ڪهاڻي آهي. هي تـ ٿڌي نموني ۽ بيرحم انداز سان ڪيل پوسٽ مارٽم آهي. پوسٽ مارٽم بـ هڪڙي ئي وقت گڏ ٽن لاشن جو. هڪ پوسٽ مارٽم فرد جي معاشرتي عزت جي لاش جو، ٻيو اداري ۾ موجود برادري جي لاش جو ۽ ٽيون پوسٽ مارٽم ان لبرل خوشفهمي جو ته انٽرنيٽ ڪو جمهوريت پسندي ۽ آزادانہ راءِ جو ذريعو آهي، نه ڪي پراڻي زماني جو ڪو اذيت پسندي جو جديد هٿيار. صرف 150 صفحن ۾ اشفاق لغاري اهو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو آهي، جنهن جي جرئت تمام گهٽ لکڻ وارا ڪري سگهندا آهن.

                 نفرت ڪي دريافت ۾ ليکڪ پاڪستاني ڊجيٽل دور جي لاشعور کي ادب جي روشني ۾ کڻي آيو آهي. اهو بہ اهڙي نموني جو پڙهندڙ کان اک ڇنڀڻ بـ وسريو وڃي. هڪ ٽِڪ ٻڌي پڙهڻ جهڙي روداد. هي ڪهاڻي ۽ وارتا هڪ اهڙي شخص جي آهي، جيڪو سخت اصول پسندي ۽ خاموش بغاوت جو نمونو پئي رهيو آهي. هو جيڪو پنهنجي ذات ۾ هڪڙي ئي وقت خنجر بـ رهيو آهي ته مرهم بہ.ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽرس جي ڊگري رکندڙ اشفاق انتهائي حساس دل، سادگي پسند ۽ لفظن جي حرمت ڄاڻندڙ ليکڪ آهي، جنهن پنهنجي لکڻي ۾ حقيقتن ۽ سچ تي ڪڏهن به سمجهوتو ناهي ڪيو. هن جي چيل ۽ لکيل حقيقتن ۽ سچ سان پوءِ کڻي ڪو طوفان ڇونه اچي ويو هجي. هن ڪتاب ۾ اشفاق جي انتهائي سڌي ۽ سادي لکيل نثر ۾ تصوف جو ضبط ۽ روانگي لڪل آهي. هي ڪتاب ادب، صحافت، قانون، عدليا ۽ انساني وقار جي لاءِ مهذب انداز سان وڙهيل هڪ جنگ آهي.

نفرت ڪي دريافت جي شروعات ڪافڪائي انداز ۾ ٿيل آهي. پهريون منظر پڙهندڙ کي ڪتاب جي آخري صفحي تائين پهچائي ٿو. هڪ اعليٰ تعليمي اداري ۾ ڪم ڪندڙ آفيسر صبح جو جڏهن فيس بڪ ڏسي ٿو ته کيس پنهنجي جعلي ٺاهيل ننگي تصوير عورت جي ناليواري فيس بڪ اڪائونٽ تي ملي ٿي. انهي تصوير ۾ چهري کي ۽ جسم جي ڪجهه حصي کي سافٽ ويئرس جي مدد سان اگهاڙو ڪري جوڙيو ويو آهي. هي سڄي مهارت انڪري ڪئي وئي جو بقول سوزن سانٽاگ جي ته، فوٽوگراف تشريح نه پر حقيقت جا ٽڪرا هوندو آهي. هي مهارت سان ٺاهيل تصوير بہ حقيقت جو اهڙو ٽڪرو هئي، جنهن کي ڪنهن کي مارڻ لاءِ نه پر ڏيکارڻ لاءِ هٿيار طور استعمال ڪيو ويو. اشفاق جو ادبي ڪمال اهو آهي ته هو ان کي ڪو خارجي واقعو نه پر وجودي حملو سمجهي ٿو. اسڪرين تي ڏيکاريل جسم هاڻي ان جو ناهي رهيو. ان جسم ماڻهن جي اجتماعي اکين ۾ جاءِ والاري ورتي آهي. ماڻهو ٻين جي عزت ۽ وقار سان ڪيئن کيڏندا آهن، ڪيئن پوءِ پاڻ انهي غلاظت جو داغ کڻي گهمندا آهن، اهو ڏسڻو ۽ پرکڻو آهي ته نفرت ڪي دريافت پڙهڻو پوندو.

هن ڪتاب ۾ اشفاق ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪڙو اصل اشفاق، جيڪو توهان اسان جي سامهون آهي ۽ ٻِيو ڊجيٽل اشفاق. هڪڙي اشفاق کي خبر آهي ته اها تصوير جعلي آهي، سافٽ ويئر جي مدد سان ٺاهيل آهي، پر ٻئي کي انهي تصوير سان ٿيل حملي کي روزاني نئين سر سهڻو ۽ برداشت ڪرڻو آهي. سائبر جي دنيا جو اهو ئي تشدد آهي، جيڪو انسان جي مستقبل تي قبضو ڪريو وٺي. اهڙي تشدد خلاف اشفاق جي حساس طبيعت جيڪا سالن جي ادبي، صحافتي ۽ سماجي مشغلن مان پچي راس ٿيل آهي، اها ان ذلت کي جستجو ۽ جدوجهد ۾ تبديل ڪري ٿي. نفرت ڪي دريافت جي وڏي ڳالهه اها آهي ته اشفاق ان ۾ ملزم بابت ڪا اهڙي نامناسب ڳالهه نٿو ڪري. اهڙو ساٿي، جنهن کي خبر هجي ته ڪنهن کي شرمنده ڪرڻ لاءِ، رسوا ڪرڻ لاءِ هن جي ڪهڙي رڳ ڪٽجي. بطور ملامتي مسلڪ جي پيروڪار اشفاق هن روداد ۾ ملزم تي تبرو ڪرڻ بجاءِ ملامتي روايت تي هلندي پاڻ کي ملامت جي حوالي ڪري ٿو تہ جيئن نفس جي نفي ٿئي. اشفاق زندگي تان دستبردار نٿو ٿئي، ڳالهائڻ، لکڻ ۽ اداري کي نٿو ڇڏي. جنهن سمجهيو هو ته اهڙي حرڪت ڪري هو اشفاق کي ماري ويندو، انهي پوءِ ڏٺو ته نفرت ڪي دريافت وارو فقير پڙ ۾ پچي ڪيئن نچي پيو سچ ڳالهائي.

اسلام آباد ۾ بليڪ هول جهڙي مقبول فورم پاران ڪرايل ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ جيڪو ڊاڪٽر خادم حسين ڳالهايو آهي، حسن مجتبيٰ جي جيڪا رڪارڊ ٿيل گفتگو ٻڌڻ لاءِ ملي آهي يا سيد علي حميد ۽ مطيع الله جيڪو ڪجهه ڪتاب بابت چيو آهي، اهو هن ڪتاب ۽ ليکڪ جي پذيرائي لاءِ وڏي سند آهي.هن ڪتاب جو خاص ۽ غير روايتي پاسو اهو آهي ته اشفاق مرداڻي معاشري ۾ مرداڻي عزت ۽ غيرت جي تصور جي ابتڙ ٿي سامهون آيو آهي. هو بطور مرد ان مقام تي اچي بيٺو آهي، جنهن تي اسان جي عورت دشمن معاشري ۾ عام طور زيادتي جو شڪار ٿيل عورت بيهاريل هوندي آهي. نفسياتي طور تي ڪتاب ۾ صدمي ۽ تڪليف کي نهايت باريڪي سان پيش ڪيو ويو آهي. هي مايوسي ۽ وري انهي مايوسي کي مات ڏئي اٿي بيهي وڙهڻ جي ڪهاڻي آهي. لکڻ هن لاءِ علاج بڻجي پوي ٿو، هن کي شرمائڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو ويو، هو ان کي وقار ۽ فخر ۾ تبديل ڪري پنهنجي زندگي تي ٻيهر اختيار حاصل ڪري ٿو وٺي.

هي ڪتاب ٻڌائي ٿو ته جتي قانون ناڪام ٿي وڃي ٿو ته اتي ادب انصاف فراهم ڪري ٿو. هي ڪتاب ان دور جو آئينو آهي جنهن ۾ الگورٿم شهرت ٺاهي ٿو ۽ الگورٿم ئي شهرت ۽ مقبوليت کي ڊاهي ٿو. اشفاق ثابت ڪيو آهي ته نفرت خلاف اڄ بہ هٿيار اهو ئي پراڻو آهي. هڪ باهمت زبان، هڪ مضبوط هٿ ۽ نظر نه چورائڻ جي همت.