نفسياتي ناهيان: ميرا شو مان اٿي هلي وئي 

  نفسياتي ناهيان: ميرا شو مان اٿي هلي وئي 

لاهور(ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره ميرا نفسياتي چوڻ تان ميرا پوڊ ڪاسٽ مان اٿي هلي وئي، ميرا هن وقت پنهنجي ايندڙ فلم ’سائيڪو‘ جي پروموشن ۾ مصروف آهي، جيڪا عيدالاضحيٰ تي رليز ڪئي ويندي، انهي فلم ۾ شان شاهد مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ميرا ٽائيٽل رول ۾ نظر ايندي. ميرا فلم جي مشهوريءَ جي سلسلي ۾  مختلف انٽرويوز ڏيڻ سان ۽ پوڊ ڪاسٽس ۾ شرڪت ڪري رهي آهي. تازو ئي هوءَ ارشاد ڀٽي جي پوڊ ڪاسٽ ۾ شريڪ ٿي، جتي کانئس تڪراري ۽ ذاتي نوعيت جا سوال ڪيا ويا.انهن سوالن ۾ سندس ماضيءَ جي ذاتي زندگي ۽ مختلف افواهن جو ذڪر شامل هو، جن جو جواب ڏيڻ ۾ ميرا کي ڏکيائي پيش آئي. هن بار بار گفتگو کي پنهنجي فلم ڏانهن موڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر ميزبان مسلسل حساس موضوعن کي ڇيڙيندو رهيو. صورتحال ان وقت وڌيڪ خراب ٿي جڏهن ميزبان کيس طنزيه انداز ۾ ’سائيڪو‘ نفسياتي چئي ماضيءَ جا تڪرار به اٿاريا. آخرڪار ميرا خاموشي اختيار ڪندي انٽرويو ڇڏي ڏنو.