| نفيس نگر ۾ مڻ اٽو 5000 کان ٽپي ويو، پورهيت پريشاني جو شڪار |
نفيس نگر (ن پ ا) نفيس نگر ۾ اٽي جو مڻ 5 هزار کان وڌي ويو، غريب طبقو سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويو، چڪي مالڪن جي هڪ هٽي هجڻ سبب سنڌ سرڪار جي ڪيل اعلان تي عمل نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري اٽو مھانگي اگهه تي وڪرو ڪيو پيو وڃي. اٽو مهانگو هجڻ سبب پورهيت ۽ غريب مزدور طبقو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي. ڪيترائي غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني پنهنجن ٻچن کي کارائڻ لاءِ سخت پريشان آھن نفيس نگر ۽ ڀرپاسي ۾ هر چڪي تي ايندڙ سرڪاري ڪوٽا جي ڪڻڪ ملڻ باوجود، فلور ملز مالڪن ۽ چڪي وارن سرڪاري اگهن تي عمل نه ڪيو ، جنهن ڪري سرڪاري اعلان جو فائدو غريب مزدور طبقي تائين پهچي نه سگهيو.پنهنجي اخبار سان ڳالهيندي نواز ٽنگڙي. چنديرام ڀيل. ياسين گشڪوري. انور ڀيل. ۽ ٻين چيو ته اي سي جهڏو ۽ ڊي سي ميرپورخاص کي گهرجي ته سنڌ گورنمينٽ جي اعلان تي سختي سان نوٽيس وٺي عمل ڪرائين چڪي مالڪن پابند ڪن ته جئين غريب مزدور طبقي کي رليف ملي سگهي