نقيب الله ڪيس کلي ويو: رٽائرڊ ايس پي رائو انوار راڊار هيٺ

ڊسمبر 13, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نقيب الله قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيل منظور، عدالت دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان ڪيس جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪري ورتو

ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ ٻين جي بريت خلاف اپيل جي ٻڌڻي ٿي، عدالت دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان ڪيس جو مڪمل رڪارڊ طلب  ۽ پراسيڪيوٽر جنرل کان به جواب طلب ڪري ورتو

 مقتول نقيب الله جي ڀاءُ عالم شير  پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ثبوتن کي نظرانداز ڪري رائو انوار ۽ ٻين جوابدارن کي بري ڪيو آھي، اپيل ۾ استدعا ڪئي وئي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو ڪالعدم ڪيو وڃي

 واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت 23 جنوري 2023ع تي نقيب الله قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي  تڏهوڪي ايس پي رائو انوار سميت 18 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو ھو

Leave A Comment