نمبر پليٽ لاهڻ لاءِ ملٽري پوليس گهرايو: ڪرنل سڏائيندڙ شخص ۽ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن ۾ منهن ماري، وڊيو وائرل

آگسٽ 18, 2023

ڪراچي ( پنهنجي ڊيسڪ) ٽريفڪ پوليس اهلڪارن ۽ پاڻ کي ڪرنل سڏائيندڙ شخص جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٽريفڪ پوليس اهلڪارن هڪ گاڏي کي روڪيو ۽ فينسي نمبر پليٽ تي اعتراض ڪندي نمبر پليٽ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ نوجوان ٽريفڪ پوليس اهلڪارن سان بدتميزي ڪري ٿو ۽ گاڏي کي هٿ لاهڻ تي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ پنهنجو والد جو ڪرنل طور تعارف ڪرائي ٿو

نوجوان چوي ٿو ته ايم پي (ملٽري پوليس) گهرايو، اها ئي ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته نوجوان سان گڏ شخص جيڪو ان جو والد ڄاڻايو پيو وڃي اهو پڻ پوليس اهلڪارن سان منهن ماري ڪندي چوي ٿو ته اوهان نمبر پليٽ نٿا لاهي سگهو

سوشل ميڊيا تي اهڙي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن بعد ان معاملي تي مختلف تبصرا ڪيا پيا وڃن، ٽريفڪ پوليس اهلڪارن ۽ پاڻ کي ڪرنل ڄاڻائيندڙ شخص، سندس پٽ بابت حمايت ۽ مخالفت ۾ پوسٽون شيئر ٿي رهيون آهن

Leave A Comment