ننهن سان لڄالٽ الزام ۾ سهرو گرفتار
جُون 19, 2025
حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ پنهنجي ننهن سان زيادتي جي الزام هيٺ پوليس هڪ جوابدار گرفتار ڪري ورتو آهي.
نسيم نگر ٿاڻي تي عورت (ر ) شڪايت ڪئي هئي ته سندس سهري جيڪو رشتي ۾ هن جو چاچو به ٿئي ٿو، تنهن ٻه ڀيرا ساڻس زيادتي ڪئي آهي، انڪري هن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
نسيم نگر پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار خلاف ڪارروائي جي شروعات ڪئي ۽ پنھنجي ننهن سان زيادتي جي الزام هيٺ جوابدار اعجاز قمبراني کي گرفتار ڪري ورتو آهي
جڏهن ته نسيم نگر پوليس فريادي (ر ) جو ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ ليٽر به جاري ڪري ڇڏيو آهي.