ننڍن ٻارن جا ڀاري تابوت….ڊاڪٽر علي رضا قاضي

                 پشاور سانحي کانپوءِ مان ان وقت هڪ فليش فڪشن پِڙهيو هو: ’ننڍن ٻارن جا تابوت ڏاڍا ڀاري هوندا آهن.‘ هيءَ ڪهاڻي ان ظلم جي خلاف خاموش احتجاج هئي. جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ظاهري طور تي ته ننڍي ٻار جي تابوت ۾ ڪيترو وزن هوندو، پر ڪنهن کي خبر ناهي ته ننڍن ٻارن جا تابوت ڏاڍا ڀاري هوندا آهن، ڇو⁠ته انهن ۾ هڪ معصوم لاش سان گڏ، اڻ ڏٺل مستقبل، اڌ ۾ رهجي ويل رانديون، ماءُ جا سپنا ۽ پيءُ جون دعائون به دفن ٿيڻ لاءِ روانيون ٿينديون آهن. اهڙا ئي ڀاري تابوت سال 2014 جي ڊسمبر مهيني ۾ پشاور ۾ کنيا ويا. 16هين ڊسمبر جو ڏينهن، جنهن پاڪستاني قوم جي دل ۾ اهڙو گهرو زخم رسايو، جيڪو 11 سالن جي سمي گذرڻ باوجود اڄ به تازو محسوس ٿئي ٿو. اهو ڏينهن رڳو ڪئلينڊر جي تاريخ ناهي، پر هڪ اهڙو ڏکوئيندڙ لمحو، جڏهن ڪتابن سان پيار ڪندڙ معصوم ٻارن کي گولين سان چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملو انسانيت، تعليم ۽ مستقبل خلاف کليل بغاوت هئي. هڪ اهڙو شرمناڪ عمل ـ جنهن انسانيت کي لڄائي ڇڏيو. ان ڏينهن اسڪول جون ڀتيون ٻارن جي ٽهڪن بدران دانهن ڪيهن سان گونجي اٿيون، ڪاپين جا اڇا صفحا رت سان ڳاڙها ٿي ويا ۽ ڪلاس روم، جيڪي خوابن جي تعمير جا هنڌ هئا، قبرستان جهڙي خاموشي ۾ بدلجي ويا؛ 144 کان وڌيڪ بيگناهه جانيون، جن مان اڪثريت معصوم شاگردن جي هئي، هميشه لاءِ هن دنيا کان وڇڙي ويون.

پشاور آرمي پبلڪ اسڪول ڪو فوجي مورچو نه هو، نه ئي ڪو سياسي مرڪز، اهو ته ٻارن جو اسڪول هو ـ جتي تعليم ڏني ويندي هئي، جتي استادَ، والدين وانگر پيار سان ٻارن کي مستقبل جا رستا ڏيکاريندا هئا. دهشتگردن جو اسڪول تي حملو ان ڳالهه جو واضح ثبوت هو ته انتهاپسندي کي علم، سوال ۽ شعور کان خوف آهي. ننڍڙا ٻار، جيڪي صبح سوير يونيفارم پائي، ڪتاب کڻي اسڪول آيا هئا، کين ڪهڙي خبر هئي ته شام تائين سندن نالا شهيدن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويندا. انهن ٻارن جا خواب ـ ڊاڪٽر بڻجڻ، استاد ٿيڻ، انجنيئر ٿيڻ ـ سڀ ڪجهه هڪ پل اندر مٽيءَ ۾ ملي ويا.

هي سڄو مامرو والدين جي ناقابل ِ بيان درد جي ڪهاڻي آهي. شايد دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اهڙا لفظ ناهن، جيڪي ان ماءُ جي تڪليف بيان ڪري سگهن، جنهن پنهنجي ٻار کي اسڪول موڪليو ۽ شام جو لاش وصول ڪيو. اهي والدين، جيڪي پنهنجي ٻارن جي تعليم لاءِ قربانيون ڏيندا رهيا، انهن لاءِ اهو صدمو زندگيءَ جي سڀ کان وڏي آزمائش بڻجي ويو. اسپتالن جا منظر، ايمبولينسن جا سائرن، ۽ والدين جون دانهون اڄ به قومي يادگيريءَ ۾ گونجنديون رهن ٿيون. هر شهيد ٻار سان گڏ صرف هڪ جان نه وئي، پر هڪ پورو خاندان ٽٽي پيو.

پشاور سانحي کانپوءِ سڄي پاڪستان ۾ وقت ڄڻ ته رڪجي ويو. اسڪول بند، جهنڊا اڌ جهڪيل ۽ اکين ۾ ڳوڙها. قومَ، هڪ گڏيل درد ۾ جڪڙجي وئي. سياسي اختلاف، لساني سڃاڻپ ۽ مذهبي فرق ان لمحي ۾ بي معنى` لڳا. هر دل هڪ ئي سوال پڇي رهي هئي: ‘اسان جا ٻار ڇو؟‘ هي سانحو پاڪستاني عوام کي اهو احساس ڏياري ويو ته دهشتگردي جو درد صرف متاثر علائقي تائين محدود نٿو رهي، پر سڄي ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ٿو… ۽ پوءِ دهشتگرديءَ خلاف نئون عزم اڀريو. پشاور پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي رت قوم کي جاڳايو. اهو ڏينهن دهشتگرديءَ خلاف نئين عزم جي شروعات بڻيو. حڪومت قومي ايڪشن پلان جو اعلان ڪيو، سيڪيورٽي قدمن ۾ اضافو ٿيو، ۽ دهشتگرديءَ خلاف سخت فيصلا ڪيا ويا، پر سڀ کان اهم تبديلي قوم جي سوچ ۾ آئي. ماڻهن اهو سمجهيو ته خاموش رهڻ به جرم آهي. علم، برداشت ۽ انساني قدرن کي فروغ ڏيڻ ئي دهشتگرديءَ جو حقيقي جواب آهي. دهشتگرد شايد بندوق سان جسم مارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن، پر هو خيالن کي قتل نٿا ڪري سگهن. پشاور سانحي کانپوءِ ڪيترن ئي استادن ۽ شاگردن اهو عزم ڪيو ته هو خوف کي شڪست ڏيندا. اسڪول ٻيهر کليو، ڪتاب ٻيهر هٿن ۾ آيا، ۽ قلم ٻيهر گولين کان وڌيڪ طاقتور ثابت ٿيو. هي سانحو اسان کي سيکاري ٿو ته تعليم صرف روزگار جو ذريعو نه، پر بقا جو هٿيار آهي.

هر سال 16 ڊسمبر تي شمعون روشن ڪيون وڃن ٿيون، دعائون گهريون وڃن ٿيون، ۽ شهيد ٻارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو وڃي ٿو. پر اصل خراجِ  اهو آهي ته اسان اهڙو سماج جوڙيون، جتي ٻار محفوظ هجن، اختلاف کي برداشت ڪيو وڃي، ۽ تشدد لاءِ ڪا جاءِ نه هجي. اسان جو هر قدم، هر پاليسي ۽ هر فيصلي ۾ انهن معصوم شهيدن جي ياد هجڻ گهرجي، ڇو ته انهن جو رت سوال بڻجي اسان کان پڇي ٿو. پشاور آرمي پبلڪ اسڪول سانحو صرف هڪ جسماني حملو نه هو، پر اهو پاڪستاني سماج جي نفسيات تي به گهرو اثر ڇڏي ويو. نفسيات جي ماهرن موجب، جڏهن معصوم ٻار تشدد جو نشانو بڻجن ٿا ته سڄي سماج ۾ گڏيل صدمو (Collective Trauma) پيدا ٿئي ٿو. پشاور کان ڪراچي، گلگت کان گوادر تائين، هر ماءُ پنهنجي ٻار کي اسڪول موڪلڻ وقت خوف محسوس ڪرڻ لڳي. ٻارن جي ذهنن ۾ به سوال پيدا ٿيا: ’ڇا اسڪول محفوظ آهي؟‘ ڪيترن شاگردن ۾ ڊپ، خاموشي، ڊپريشن ۽ خوابن ۾ دهشت جا منظر عام ٿيڻ لڳا. هي سانحو اسان کي اهو به سيکاري ٿو ته دهشتگرديءَ جا زخم رڳو جسم تي نه، پر ذهن ۽ روح تي به لڳن ٿا، جن جي مرهم لاءِ ڊگهي وقت تائين سماجي سهڪار، همدردي ۽ ذميوار رويي جي ضرورت هوندي آهي.

پشاور سانحي دوران ميڊيا جو ڪردار به انتهائي اهم رهيو. هڪ طرف ميڊيا قوم کي باخبر رکيو، ته ٻئي طرف ڪجهه منظرن جي بار بار ڏيک نفسياتي طور ماڻهن کي وڌيڪ متاثر ڪيو. هي سانحو ميڊيا لاءِ به هڪ اخلاقي امتحان هو ته خبر ۽ سنسني ۾ فرق ڪيئن رکجي. سماجي طور تي به هي سوال اڀريو ته ڇا اسان پنهنجي ٻارن کي رواداري، برداشت ۽ انسان دوستي سيکاري رهيا آهيون يا نفرت ۽ تشدد کي نظرانداز ڪري رهيا آهيون. پشاور سانحو اسان سڀني لاءِ هڪ آئينو بڻجي سامهون آيو. هن سانحي ۾ رڳو شاگرد ئي نه، پر اهي استاد به شهيد ٿيا، جن آخري گهڙين ۾ به پنهنجي شاگردن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهي استاد، جيڪي روزانو علم جا ڏيئا ٻاريندا هئا، پاڻ روشني بڻجي ويا. سندن قرباني اهو ثابت ڪري ٿي ته استاد صرف پڙهائيندڙ نه، پر سماج جا سچا محافظ هوندا آهن. استادن جو رت به اسان کان سوال ڪري ٿو ته ڇا اسان تعليم کي اهو مقام ڏئي رهيا آهيون، جنهن جي اها حقدار آهي؟

پشاور آرمي پبلڪ اسڪول سانحو انساني تاريخ جي انهن واقعن مان هڪ آهي، جتي اخلاقي زوال پنهنجي انتها تي نظر آيو. ٻارن تي حملو ڪنهن به مذهب، ثقافت يا نظريي ۾ جائز نٿو ٿي سگهي. هي حملو ان ڳالهه جو ثبوت هو ته دهشتگردي جو ڪو مذهب ناهي، اهو صرف نفرت جي پيداوار آهي. هي سانحو اسان کي مجبور ڪري ٿو ته اسان پنهنجي سماجي، مذهبي ۽ تعليمي ادارن ۾ انسانيت کي مرڪز بڻايون. هر سال 16 ڊسمبر تي گل رکڻ، ميڻ بتيون ٻارڻ ۽ تقريرون ڪرڻ ضروري آهن، پر ڪافي ناهن. اصل سوال اهو آهي ته ڇا اسان پنهنجي پاليسين، نصاب، تقريرن ۽ عملن ۾ اهڙي تبديلي آڻي رهيا آهيون، جيڪا ايندڙ نسل کي محفوظ بڻائي سگهي؟ شهيد ٻارن سان اصل واعدو اهو آهي ته اسين نفرت جي هر شڪل کي رد ڪنداسين، علم کي فروغ ڏينداسين، ۽ پنهنجي ٻارن کي اهڙو پاڪستان ڏئي وينداسين، جتي اسڪول عبادتگاهن وانگر محفوظ هجن. اسان سمجهون ٿا ته پشاور آرمي پبلڪ اسڪول سانحو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ ڏکوئيندڙ، پر انتهائي اهم باب آهي. هي سانحو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته قومون صرف سرحدن سان نه، پر پنهنجي ٻارن جي حفاظت سان زندهه رهنديون آهن. دهشتگرد شايد معصوم جسمن کي زخمي ڪري سگهن ٿا، پر جيڪڏهن قوم جا ضمير جاڳيل هجن ته اهي مستقبل کي قتل نٿا ڪري سگهن. پشاور جا شهيد ٻار اڄ به اسان کان پڇن ٿا: ’ڇا توهان اسان جي قرباني کي محفوظ پاڪستان ۾ بدلائي سگهيا آهيو؟‘ جيستائين هن سوال جو جواب عمل جي صورت ۾ نه ايندو، تيستائين 16 ڊسمبر اسان لاءِ رڳو هڪ تاريخ نه، پر ضمير جو امتحان رهندو.