ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آسان شرطن تي قرض ڏيڻ جو فيصلو

ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آسان شرطن تي قرض ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سميڊا (SMEDA) جي بزنس پلان متعلق اجلاس منقعد ٿيو. اجلاس ۾ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن جي ترقي لاءِ ايندڙ ٽن سالن جو روڊ ميپ پيش ڪيو ويو. وزيراعظم قابل عمل ۽ اثرائتو پلان تيار ڪرڻ تي خاص معاون هارون اختر ۽ سميڊا جي نئين چونڊيل بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ساراهه ڪندي چيو ته ننڍا ۽ وچولي درجي جا ڪاروبار قومي معيشت لاءِ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. انهن ڪاروبارن جي ترقي سان ملڪي برآمدات ۾ اضافي جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته بينڪن ۽ ٻين مالي ادارن پاران ايس ايم ايز کي آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن. اجلاس ۾ ايس ايم ايز کي درپيش مسئلن، انهن جي حل لاءِ لائحه عمل، ايس ايم ايز کي برآمداتي شعبي ۾ شامل ڪرڻ جي حڪمت عملي ۽ بزنس پلان ۾ شامل ٻين قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايس ايم ايز جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ تازو ڇهن شهرن ۾ ڪيترائي ورڪشاپ منعقد ڪيا ويا آهن. عالمي سطح تي مقابلي لاءِ ايس ايم ايز کي تيار ڪرڻ خاطر مختلف تربيتي پروگرامن تي به ڪم جاري آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزير اطلاعات، نشريات عطاالله تارڙ، خاص معاون هارون اختر، اسٽيٽ بينڪ جو گورنر جميل احمد، چئن صوبن، آزاد جمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽرين، سميڊا جي نئين چونڊيل بورڊ ميمبرن ۽ لاڳاپيل ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي.