| ننڍي عمر ۾ شادي روڪي نياڻين کي تحفظ ڏيڻ جي سفارش |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ليگل ايڊ سوسائٽي گڏيل قومن جي پاپوليشن فنڊجي سهڪار ۽ فارن ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمينٽ آفيس جي مالي تعاون سان سنڌ ۾ ننڍي عمر جي شادين بابت تيار ڪيل تحقيقي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ننڍي عمر جي شادين جي مسئلي کي مؤثر نموني حل ڪرڻ لاءِ جنس، معذوري، نسل، مذهب، جاگرافيائي حالتن ۽ غربت جهڙن سماجي عنصرن کي پاليسي سازي جو حصو بڻائڻ ضروري آهي. هڪ جهڙن قدمن بدران اهڙي جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ضروري آهي، جيڪا جنس، معذوري، نسل، مذهب، جاگرافيائي حالتن ۽ غربت سميت ٻين سماجي عنصرن کي نظر ۾ رکندي هر نياڻي کي تحفظ، صحت، تعليم ۽ بنيادي حقن تائين بنا امتياز رسائي فراهم ڪري. تقريب کي خطاب ڪندي سيڪريٽري سوشل ويلفيئر معظم علي مري چيو ته هر ٻار کي سندس رهائش، سماجي يا معاشي پس منظر کان سواءِ هڪجهڙو تحفظ فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. صالحه رامائي چيو ته ننڍي عمر جي شادي جهڙي مسئلي جو حل صرف قانون سازي سان ممڪن ناهي پرسماجي ۽ صنفي روين کي به تبديل ڪرڻو پوندو جيڪي نياڻين جي زندگي، تعليم ۽ مستقبل جي موقعن تي اثرانداز ٿين ٿا. نمره ظهير چيو ته هر نياڻي کي اهو حق حاصل آهي ته هوءَ جبر ۽ امتياز کان آزاد ٿي پنهنجي زندگي بابت پاڻ فيصلا ڪري ۽ سماج ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري. تقريب دوران هڪ پينل مباحثو پڻ ٿيو، جنهن ۾ امبرين زهرا، طاهره حسن، فاطمه جميل خان ۽ سجل شفيق شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس جي صدارت سنڌ ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين جي چيئرپرسن روبينه بروهي ڪئي. هن چيو ته حڪومت ۽ سول سوسائٽي کي ننڍي عمر جي شادي جي خطري کي منهن ڏيندڙ نياڻين لاءِ تعليم ۽ باعزت روزگار تائين برابر رسائي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏيل قدم کڻڻ گهرجن. ليگل ايڊ سوسائٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر بئريسٽر حيا زاهد چيو ته نڪاح نامي ۾ تجويز ڪيل سڌارا، خاص طور قومي سڃاڻپ ڪارڊ کي لازمي قرار ڏيڻ، ننڍي عمر جي شادين جي روڪٿام ۾ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندي.