ننڍي قد جو يقيني علاج: ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب حيران ۽ پريشان

آگسٽ 19, 2023

ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) ميئر ڪراچي شهر جي ڀتين تي لکيل عجيب و غريب جملا پڙهي حيران ۽ پريشان ٿي ويو، ڪراچي ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي هن اهڙو ذڪر ڪيو

ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته شهر جي ڀتين تي آر پلس آر، فلاڻو مرده آباد، شگر جو علاج جهڙا جملا لکيل آهن

هن ٻڌايو ته هڪ ڀيرو رستي ويندو ڏٺو ته لکيل هو ته ننڍي قد جو يقيني علاج، هن چيو ته شهرين کي گذارش ڪندس ته پنهنجي شهر جي حفاظت ڪريو، شهر جي ترقي ۽ صفائي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون

ميئر ڪراچي جديد ڊائنوسار جي ذڪر ڪندي چيو ته ڊائنوسار کي کاڌو نه کارائجو، پڇ کي هٿ به هڻجو، هي صرف ڏسڻ لاءِ آهن ۽ فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ آهن.

Leave A Comment