ننڍي قد وار سوشل ميڊيا اسٽار حسب الله ٽريفڪ قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ تي دوستن سميت گرفتار
مَي 10, 2023
ماسڪو(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ننڍي قد وار سوشل ميڊيا اسٽار حسب الله ٽريفڪ قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ تي دوستن سميت گرفتار ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب روس سان تعلق رکندڙ سوشل ميڊيا اسٽار، ٽڪ ٽاڪر ۽ ميوزڪ پروڊيوسر حسب الله ميگو ميدوف ۽ سندس دوستن کي داغستان ۾ ٽريفڪ قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو، 20 ورهين جي نوجوان سوشل ميڊيا اسٽار تي شهر جي مک شاهراهه بلاڪ ڪرڻ جو الزام مڙهيو ويو آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب حسب الله دوستن سان گڏ پنهنجي هڪ دوست جي شادي جو جشن ملهائي رهيو هو ته کيس گرفتار ڪيو ويو. بعد ۾ ٽڪ ٽاڪر واقعي تي معافي گهرندي سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪيو ۽ ٻڌايو ته گاڏي هو نه پر سندس دوست هلائي رهيو هو هن خاطري ڪرائي ته اهڙي غلطي هو ٻيهر نه ڪندو. واضح رهي ته يو ايف سي سفير حبيب الله 2020 ۾ انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ تي پنهنجي مزاحيا وڊيوز ۽ قد سبب شهرت ماڻي هئي. هن ايم ايم اي جي سپر اسٽار ڪونور ميڪ گريگر کي مقابلي جو چيلينج ڏئي تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي هئي، سندس انسٽاگرام مداحن جو انگ 8.6 ملين آهي.