اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ننڍي چونڊ ۾ نوازليگ قومي جي 5 مان 2 ۽ صوبائي جي 16 مان 10 سيٽون کٽي ورتيون جڏهن ته پي ٽي آءِ نوٽيفڪيشن روڪڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي
ننڍي چونڊ جي غير سرڪاري نتيجن موجب نواز ليگ قومي اسيمبلي جي 5 مان 2 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 16 مان 10 سيٽون کٽي وئي، پيپلز پارٽي ۽ سني اتحادي ڪائونسل هڪ – هڪ قومي سيٽ تي ڪاميابي ماڻي، هڪ آزاد اُميدوار به قومي اسيمبلي جي سيٽ کٽي ويو
پيپلزپارٽي، سني اتحاد ڪائونسل ۽ ق ليگ صوبائي اسيمبليز جي هڪ – هڪ سيٽ تي ڪاميابيون ماڻيون، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف پاران ننڍي چونڊ کٽيندڙ اميدوارن کي واڌايون ڏنيون ويون آهن
ٻئي طرف پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن کان ننڍي چونڊ کٽيل اميدوارن جا نوٽيفڪيشن روڪڻ جو مطالبوڪيو آهي، بئريسٽر گوهر چيو آهي ته ملڪ ۾ هر ڀيري ووٽ ۽ جمهوريت سان راند کيڏي ويندي آهي
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ کي استدعا آهي ته عدليه مان آر اوز مقرر ڪيا وڃن
قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته ايترا ووٽ ته شهباز شريف کي به نه مليا هئا، جيترا سندس جاءِ تي ننڍي چونڊ وڙهندڙ کي مليا، ننڍي چونڊ جي نالي تي ڊرامو ڪيو ويو آهي
هن چيو ته ننڍي چونڊ دوران انٽرنيٽ سروسز بند ڪيون ويون، تحريڪ تحفظ آئين تحت فيصل آباد کان احتجاج شروع ڪيو ويندو