ننگرپارڪر۾ برسات، ڪارونجهر جو حسن ٻيڻو
جُون 17, 2025
ننگرپارڪر۾ برسات، ڪارونجهر جو حسن ٻيڻو
ننگرپارڪر ( پنهنجي ڊيسڪ ) ننگرپارڪر جي علائقي ويراواهه، تڳوسر، ڏينسي، گهرٽياري ۽ ٻين ڳوٺن ۾ برسات جو زوردار وسڪارو ٿيو آهي.
تيز برسات سبب ڪارونجهر جبل ڌوپجي اجرو ٿي ويو، جڏهن ته ڪارونجهر جبل مان پورڻ واهه ۽ ٻيون نيئون وهي آيون آهن، جڏهن ته برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي پيو آهي. ٻي طرف برسات سبب ماروئڙن جي مرجهايل چهرن تي مرڪون موٽي آيون.