| ننگرپارڪر ويجهو شڪاري ناياب نسل جا 3 هرڻ پڪڙي ويا |
ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر ڀرسان اڻڄاتل شڪاري ناياب نسل جا 3 زنده هرڻ پڪڙي فرار، ڳوٺاڻن پاران ڪارروائي جو مطالبو، ان ڏس ۾ ڳوٺ ٻهرائو جي جهنگ واري علائقي ۾ نامعلوم شڪارين پاران مبينا طور ناياب نسل جا 3 زنده هرڻ پڪڙي فرار ٿي ويا،مقامي رهواسين سردار سنگهھ موجب رات دير سان اڻڄاتل شڪاري سرچ لائيٽن جي مدد سان علائقي ۾ داخل ٿيا ۽ هرڻ پڪڙي کڻي ويا. اطلاع ملڻ بعد ڳوٺاڻن مختلف رستن تي ناڪا بندي ڪري شڪارين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مبينا طور هو گاڏي ذريعي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. واقعي بابت وائلڊ لائيف کاتي جي ڊپٽي ڪنزرويٽر اشفاق ميمڻ تصديق ڪندي چيو ته هرڻن جي کڻي وڃڻ بابت اطلاع مليا آهن جاچ شروع ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ذميوارن جي سڃاڻپ بعد قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.