ننگرپارڪر ويجهو شڪاري ناياب نسل جو هرڻ ماري کڻي ويا

ننگرپارڪر ويجهو شڪاري ناياب نسل جو هرڻ ماري کڻي ويا

ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ کاري واهه ۾ نامعلوم شڪارين طرفان رات دير سان هڪ ناياب نسل جي هرڻ جو شڪار  ڪري  پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿي ويا ، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻي نواز ڪپري ٻڌايو ته شڪارين اسان جي سامهون بندوقن جا فائر ڪري هرڻ شڪار ڪري موٽرسائيڪل تي فرار ٿي ويا. هن چيو ته اسان بروقت وائلڊ لائيف عملدارن کي اطلاع ڪيو پر وائلڊ لائيف عملدار نه پهتا آهن جڏهن ته شڪار واري هنڌ رت جا نشان موجود آهن .