ننگرپارڪر ويجهو هرڻن جو شڪار: 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

ننگرپارڪر ويجهو هرڻن جو شڪار: 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر  ڀرسان ناياب نسل جي هرڻن جي غيرقانوني شڪار واري واقعي جو 4 ڄڻن خلاف 2020ع جي وائلڊ لائيف ايڪٽ تحت ڪيس ڪيو ويو. ان ڏس ۾ ڳوٺ مامچيرو ۾ 5 هرڻن جي شڪار واري واقعي جو سوائي سنگهه ٺڪر جي فرياد تي 3 سڃاتل ۽ هڪ اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. داخل ڪيل ايف او آر ۾ ڌڻي بخش ڀيو، تخت سنگهه ٺڪر، آصف نواز کوسو ۽ هڪ اڻڄاتل جوابدار کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس جي فريادي ڄاڻايو آهي ته جوابدارن کي ڳوٺ ڀرسان جهنگلي علائقي ۾ گاڏي ذريعي شڪار ڪندي ڏٺو ويو، جيڪي واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويا.ايف او آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نامزد جوابدار 2 هرڻ ذبح ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا، جڏهن ته 3 هرڻ زنده حالت ۾ پڪڙي پاڻ سان گڏ گاڏي ۾ کڻي ويا.