| ننگرپارڪر ويجھو نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ |
ننگرپارڪر ( ن پ ا ) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ سادورام جو وانڊيو ۾ 35 سالن جي نوجوان مگهن ڪولهي جو ديوي جي وڻ ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو. واقعي جو اطلاع ڏانوڌاندل پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تعلقه اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو . پوليس موجب واقعو خودڪشي جو لڳي ٿو نوجوان گهرو اڻبڻت تان آپگهات ڪيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.