ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي برسات، ڪارونجهر جبل مان نيئون وهي آيون

جُون 17, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي وقفي وقفي سان برسات، ڪارونجهر جبل مان نيئون وهي آيون

طوفان جي اثرن سبب ننگر پارڪر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ 24 ڪلاڪن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي

ڪيترائي ڪچا گهر ۽ وڻ ڪري پيا، ڪارونجهر جبل مان ڀٽياڻي ۽ گوڙ دڙو نيئون وهي آيون، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ننگرپارڪر ۾ 2 سئو ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي

جڏهن ته ننگر پارڪر سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ موبائيل فون سروس معطل ٿي وئي آهي، ڇاڇرو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به ٽن ڏينهن کان برسات جو سلسلو جاري آهي

Leave A Comment