ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي چڪن گونيا وائرس، ڪيترائي ماڻهو مبتلا، گهمڻ ڦرڻ کان لاچار

ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي چڪن گونيا وائرس، ڪيترائي ماڻهو مبتلا، گهمڻ ڦرڻ کان لاچار

ننگرپارڪر  (ن پ ا) ننگرپارڪر  جي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ چڪن گونيا وائرس ۾ تيزي سان اضافو ٿي ويو،  ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ڳوٺ ماٺيڻو بجير سميت آسپاس جي علائقن ۾ چڪن گونيا وائرس تيزي سان پکڙجڻ لڳو، ڳوٺ ماٺيڻو بجير سخت متاثر ٿيو آهي. مقامي ڳوٺاڻن قربان بجير ءِ ٻين موجب وائرس سڄي ڳوٺ ۾ ڦهلجڻ سبب ديدار حسين، عباس علي، گلاب، عزيز، موليڏنو ۽ محمد ملوڪ سميت ڪيترائي ماڻهو وڏي انگ ۾ مبتلا بنجي چڪا آهن، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ صحت جون بنيادي سهولتون موجود نه هجڻ ڪري ڪيترا ئي مريض پريشان آهن، جڏهن ته ڪجهه متاثر بيهوشي جهڙي ڪيفيت ۾ پڻ آهن، علائقي واسين موجب متاثر ماڻهن ۾ تيز بخار، جوڙن ۽ هڏن ۾ شديد سور، جسم تي خارش، وات ۾ زخم ۽ ڪمزوري جهڙيون علامتون ظاهر ٿي رهيون آهن، جنهن سبب مريض هلڻ ڦرڻ کان به لاچار ٿي ويا آهن . ٻئي طرف تعلقه اسپتال ننگرپارڪر جي ميڊيڪل سپرنٽنڊينٽ ايم ايس ڊاڪٽر رميش ڪمار موجب اسپتال ۾ چڪن گونيا وائرس جو هڪ به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو .   ڳوٺاڻ. صحت کاتي کان مطالبو ڪيو آهي ته هنگامي بنيادن تي ميڊيڪل ٽيمون متاثر علائقن ڏانهن موڪليون وڃن ۽ وائرس تي ضابطو آڻڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.