| ننگرپارڪر ۾گھوٽ ڄاڃين سميت ڪارونجھر بچايو احتجاج ۾ شريڪ |
ننگرپارڪر (ن پ ا) گهوٽ ۽ ڄاڃين جو ڪارونجهر جي حق ۾ احتجاج ڪيو، ان ڏس ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف عوامي احتجاج زور پڪڙي ويو، ڳوٺ مانسِنگھ جي ويري بارات جڏهن گوڙي وڃي رهي هئي ته موڙ ٻڌل گهوٽ پرتاب ڀيل ۽ ڄاڃين ڪارونجهر بچائڻ لاءِ نعرا هنيا ۽ احتجاجي انداز اختيار ڪيو.ڄاڃين پاران سخت ردعمل ڏيندي چيو ويو ته “ڪارونجهر اسان جو وجود آهي، جيڪڏهن جسم تي وار ٿيندو ته خاموش نه ويهنداسين، مزاحمت ڪنداسين”۔انهن چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي لاء داخل درخواست واپس ورتي وڃي.