| ننگرپارڪر ۾ سياحن کي حراسان ڪرڻ خلاف سريندر ولاسائي جو رينجرز کي خط |
ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر جي رڻ ۾ ڪئمپينگ ڪندڙ سياحن کي هٿيارن ۽ نشي ۾ ڌت موالي طرفان تنگ ڪرڻ تي ايم پي اي سرينڊر ولاسائي ڊي جي رينجرز کي ڪاروائي لاء خط لکي ڇڏيو . لکيل خط ۾ ايم پي اي سريندر ولاسائي ڄاڻايو آهي ته سياري ۾ رڻ ۾ مقامي ماڻهن سياحت کي هٺي وٺرائڻ لاء ڪيمپون قائم ڪيون آهن جتي سياح سج لهڻ اڀرڻ ۽ مچ ڪچهريون ڪمپينگ ۾ قدرتي خوبصورتي مان لطف اندوز ٿيڻ لاء اچن ٿا. ٿرپارڪر جو چونڊيل نمائيندو هجڻ تي مونکي سنگين شڪايتون مليون آهن ته هڪ خانگي هٿياربند شرابي جنهن جو نالو لڇمڻ سنگهه آهي جيڪو سياحن کي ڍيڄارڻ لاء هوائي فائر ڪري ٿو . جيڪو عمل ننگرپارڪر ۾ سياحت کي نقصان ڏئي رهيو آهي . انڪري امن امان برقرار رکڻ ۽ سياحن جي حفاظت لاء اهڙي شخص خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي .