| ننگرپارڪر ۾ هاءِ اسڪول ٽيچر پاران شاگردن کي جنسي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف، نازيبا ميسيج وائرل |
ننگرپارڪر (رپورٽ: فيض کوسو) ننگرپارڪر جي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول تڳو سر هاليپوٽا جي استاد سريش ميگهواڙ طرفان اسڪول جي شاگردن سان نازيبا حرڪتون، بدسلوڪي ۽ مبينا جنسي طور هراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سوشل ميڊيا تي استاد پاران شاگردن سان ڪيل نازيبا گفتگو ۽ ميسيجز جون وڊيوز وائرل ٿي ويون، تعليم جي صوبائي وزير نوٽيس ورتو . ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول تڳوسر هاليپوٽا جي استاد سريش ميگهواڙ طرفان مبينا طور اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن کي جنسي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ استاد طرفان شاگردن سان فون ڪال ذريعي ڪيل نازيبا گفتگو جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته هن جي گينگ ۾ ڳوٺ جو رهواسي سانوڻ به اهڙين حرڪتن ۾ شامل آهي، ڳوٺاڻن کي مبينا ماستر جي شاگردن سان نازيبا ڳالهه ٻول جي آڊيو رڪارڊنگ ۽ اعتراض جوڳا وڊيوز پڻ هٿ آيا آهن، اسڪول جي هيڊ ماستر اهڙين حرڪتن تي استاد سريش ڪمار کي اسڪول مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي. ٻي طرف الزام هيٺ آيل سريش ميگهواڙ جو چوڻ آهي ته مون اهڙي ڪابه حرڪت نه ڪئي آهي مون شاگردن سان فون تي ڳالهايو آهي، ٻي ڪابه ڳالهه نه آهي، هن چيو ته ڪجهه ڳوٺاڻن جي روبرو فيصلو ٿيو هو. آئون اسڪول مان بدلي ڪرائي ٻي اسڪول وڃان ٿو .