ننگرپارڪر ۾ هرڻن جو شڪار: 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

ننگرپارڪر ۾ هرڻن جو شڪار: 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

ننگرپارڪر  ( ن پ ا ) ننگرپارڪر لڳ ناياب نسل جي هرڻ جي غيرقانوني شڪار خلاف ڪارروائي، 6 ڄڻن خلاف وائلڊ لائيف ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي . ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب جهنگلي جيوت کاتي جي انسپيڪٽر عثمان ڪنڀار جي فرياد تي ڳوٺ حيات هاليپوٽو ڀرسان ناياب نسل جي هرڻ جي شڪار بابت 6 ڄڻن خلاف ايف او آر داخل ڪئي وئي آهي . ايف  او آر ۾ ڀاون شاھ عرف غمشاد علي شاه  ، شاهنواز شاه ، نارو ڀيل ، چيتن ڀيل ، جبل  ، هڪ بئراج سنڌ کان آيل مهمان ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي . ايف او آر موجب ڪيس ۾ نامزد جوابدار ڳوٺاڻن مطابق جهنگ ۾ داخل ٿي هرڻن جو غيرقانوني شڪار ڪيو، جڏهن ته ڳوٺاڻن جي سجاڳي سبب زخمي هرڻ پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿي ويا.ايف او آر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڳوٺاڻن جي نشاندهي تي جهنگلي جيوت کاتي جي ٽيم سرزمين تي پهتي جتي جاءِ واردات تي موٽر سائيڪل جو چيلو ءِ ذبح ڪيل هرڻ جي رت جا نشان موجود هئا ، رت پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ بعد  ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي آهي  علائقي واسين ۽ سڄاڻ ڌرين جهنگلي جيوت کاتي جي ان قدم کي ساراهيندي مطالبو ڪيو آهي ته وڌيڪ شڪارين خلاف سخت قانوني ڪارروائي جاري رکي وڃي ته جيئن جهنگلي جيوت جو تحفظ يقيني بڻجي سگهي.