ننگر ٺٽو ڪتابي ميلو ۽ ڪوھستاني عورتن جي شرڪت….سنڌو سنڌي

                 ٻڌندي ھيس ته ھيءَ صدي شايد ڪتابن جي آخري صدي آھي پر اھا ڳالھ مونکي ٺٽي پريس ڪلب ۾ جمعي 12 ڊسمبر کان آچر 14 ڊسمبر 2025ع تائين ٽي ڏينھن ٿيل ڪتابي ميلي ۾ نوجوانن ۽ ٻارڙن، پوڙھن ۽ پڪن توڙي ھر مڪتبه فڪر جي مردن ۽ عورتن جي تعداد ۽ دلچسپي کي ڏسي غلط لڳي ۽ بنھه اھو ويساھه ٿيو ته ڪتاب پڙھڻ جا شوق اڃا به جڳ ۾ قائم آھن. تاريخي اڱڻ ٺٽي پريس ڪلب ۾ اڳ به اھڙا ميڙ ٿيندا آھن پر ھاڻوڪي ميلي جي نسبت ڪوھستان مالماڙي جي نامور اديب ۽ ضلعي جي جهوني استاد منھنجي ماما سائين حاجي محمد الياس ”ھمغم“ جوکيو جي نالي ٿيل ھئي، جنھن جون ٺٽي ضلعي جي تعليمي توڙي سماجي ميدان ۾ ڪيل خدمتون ڪنھن کان لڪل ناھن. ھن ڪتابي ميلي ۾ ھڪ وڏي نواڻ اھا نظر آئي جو شايد ننگر ٺٽي جي تاريخ ۾ اھو پھريون ڀيرو ھجي، جو عورتن جي وڏي تعداد ميلي ۾ ٽنھي ڏينھن تي ڀرپور شرڪت ڪئي ھجي.

                 ميلي ۾ مڪلي، ٺٽو، جنگشاھي مالماڙي، جلالجي، کاريسير، اسحاق کوھ کان علاوه ڪوھستان جي ٻين ڳوٺن ۽ ضلعي جي شھرن ڇتو چنڊ، ٺٽو، سونڊا، چليا، جھمپير، نوري آباد، گھاري ۽ ملير توڙي سجاول ۽ ٽنڊي محمد خان کان ڪھي اچي ڪيترن ئي ڪتابن جي پڙھندڙن مردن ۽ عورتن شرڪت ڪئي ۽ ڪتاب ڏٺا ۽ خريد ڪيا. حيدرآباد ريڊرز فورم پاران پيڪاڪ ۽ ٻين پبلشرز جي ڇپيل ڪتابن جي لڳل اسٽالن تي ماڻھن جو ميلو متل ڏسي خوشي ٿي. ٺٽي پريس ڪلب ۽ مالماڙي ادبي فورم جي سھڪار سان ٺٽي پريس ڪلب جي اڱڻ تي ھن ميلي جو افتتاح ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، پاڻي ماھر اوڀائي خان خشڪ، ريڊرس فورم جي صدر قادر داد خشڪ ۽ نوجوان ليکڪ ڊاڪٽر جسارت الياس جوکئي ۽ مون گڏجي ڪيو، جڏھن ته ميلي جي ٻئي ڏينھن ٺٽي ضلعي جي جهوني استاد ۽ اديب حاجي محمد الياس ”ھمغم“ جوکيو پنھنجي خاندان ۽ عزيزن سان گڏ ڀرپور شرڪت ڪئي، جن ۾ سندس زوجه محترمه حاجياڻي شير خاتون جوکيو، وڏي پُٽ مسرت الياس، ٻئي وڏي پُٽ بشارت الياس، ڊاڪٽر جسارت الياس ۽ ننڍي پُٽ شھرت الياس، ھڪ ڌيءَ شعوران خانم ۽ سندن ٻارڙن جي چڱي تعداد ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ پنھنجي لاءِ ڪتاب به ورتا.

شايد ٺٽي جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ھو، جو ڪنھن ڪتابي ميلي ۾ عورتن جي ايڏي وڏي تعداد شرڪت ڪئي ھجي. ياد رھي ته ھن ميلي ۾ نياڻين ۽ ٻارڙن به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪرن سان گڏ ڪتاب خريد ڪيا ۽ ميڊيا سان ڳالھايو. ڪجھ نالا لکجن ٿا، جھڙوڪ؛ امان حاجياڻي شير خاتون، شعوران خانم، ملير جي ماھر گائناڪالاجسٽ ڊاڪٽر گلزار بانو، بينظير عرف ڀاڳان، سورٺ جوکيو، مصباح بشارت، درخشان جوکيو، نورين، امبرين، نور افشان، ذرافشان، مھناز خان، حفصه مسرت، تنزيله امتياز، طالبينه ساجن، ڪنيز فاطمه، ڪائنات عبدالحئي، مشڪ، ڪويتا ۽ گلناز وغيره شامل ھيون، جڏھن ته ٻارڙن ۾ محمد حاميم، حاجي شيردل جونيئر، محمد مصعب، محمد ريان، منحه فاطمه شھرت، تنزيل امتياز، محمد مصدق، مسرور حسين ۽ منصور حسين وغيره شامل ھئا.

ھن ميلي ۾ نوجوانن کان علاوه ٺٽي پريس ڪلب جي صحافين پڻ شرڪت ڪئي ۽ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته اھڙن ميلن سان ماڻھن ۾ ڪتابن جو عشق پئدا ٿئي ٿو. سائين محمد الياس ھمغم پاڻ اھو چيو تہ ڪتابن م اسانجي سنڌ جي بھتري جا دڳ لکيل آھن، جيڪي پڙھڻ سان  اسان پنھنجو وڃايل تاريخي ورثو ڳولي سگھون ٿا.