ننگر پارڪر لڳ باهه، هاري جو گهر مڪمل سڙي ويو

ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ کارڙيو ۾ اچانڪ باه لڳڻ سبب هاري پرڀو ڪولهي جو گهر مڪمل طور سڙي رک ٿي ويو . باهه لڳڻ سبب هڪ ڪکائون چوئنرو ، لانڍي ، مرچ 2 مڻ ، کٽون بسترا ، برتن ، شناختي ڪارڊن  سميت سمورو گهريلو سامان سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ گهرن کي بچائي ورتو . متاثر هاري جو چوڻ آهي ته چار کان پنج لک روپين جو منهنجو نقصان ٿيو آهي سخت سردي ۾ کلي آسمان هيٺ ويٺل آهيان وس وارا نوٽيس وٺي منهنجي مالي سهائتا ڪن .
 

خيرپور ۾ ڪارروائيون، 4 جوابدار گرفتار، منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ 
 

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ پوليس ڪارروائيون، 4 جوابدار گرفتار، منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ، پوليس موجب ڪارروائين دوران منشيات فروش شاهد عرف شاهو ٽالپور کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ڀنگ، منشيات فروش محمد سليم شينو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ڀنگ، منشيات فروش پير بخش عرف پيرل گوپانگ کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان چرس ۽ منشيات سپلائير محمد يوسف جکراڻي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان وڏي مقدار ۾ چرس هٿ ڪري ورتو.
 

رپڙي ويجھو ٻه هفتا گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، رهواسي ڏکيائين جو شڪار
 

رپڙي (ن پ ا) رپڙي ويجهو يوسي جادو واهڻ جي علائقي ۾ ٻه هفتا اڳ پيل برسات جو پاڻي اڃا تائين رستن ۾ بيٺل هجڻ سبب رهواسي ڏکيائين جو شڪار آهن، برساتي پاڻي سبب ڳوٺ علي آباد، ڳوٺ محمد پنجل ڪلهوڙو ۽ ڳوٺ حبيب الله ڪلهوڙو جا رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڳوٺاڻن لعل بخش ڪلهوڙو، علي نواز، فقير محمد، نديم ڪلهوڙو، محمد دين ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائي سگهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته  پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.