| ننگر پارڪر ڀرسان نوجوان جو وڻ ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ |
ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ سوراپادر ۾ 25 سالن جي نوجوان هرسو ولد صالو ڪولهي جو بارڊر تي ڪنڊي جي وڻ ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو ، ننگرپارڪر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تعلقه اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو . پوليس موجب وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان گهرو اڻبڻت تان خودڪشي ڪئي آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي .