ننگر ڪيئن هارايو؟ قاسم سومري، ڪرشنا ۽ ويرجي کان پڇاڻو

جُون 19, 2023

ڪراچي: پ پ قيادت ٿرپارڪر ضلعي جي تاريخي شهر ننگرپارڪر جي ٽائون ڪاميٽي تي پي ٽي آءِ جي چيئرمين محمد رحيم کوسو ۽ وائيس چيئرمين نانگجي ڪولهي جي ڪاميابي تي مملڪتي وزير ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، 2 خاص معاونن ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ ۽ ويرجي ڪولهي، ننگر پارڪر مان چونڊيل ايم پي اي انجنيئر قاسم سومرو ۽ اقليتي سينيٽر ڪرشنا ڪولهي کان پڇاڻو ڪيو آهي

 ان ڏس ۾ پ پ ذريعن ٻڌايو ته پ پ قيادت مهيش ملاڻي، کٽو مل جيوڻ ۽ ويرجي ڪولهي کان سندن برادرين پاران پ پ اميدوارن کي ووٽ نه ڏيڻ بابت پڻ سوال اٿاريا

 پ پ قيادت جو چوڻ هو ته ننگر پارڪر هميشه پيپلز پارٽي جو قلعو رهيو آهي جتان پ پ جا گل محمد لاٽ، مخدوم سعيد الزمان، شرجيل ميمڻ ۽ قاسم سومرو آساني سان کٽيندا رهيا آهن، اهڙي صورت ۾ ننگر پارڪر جي ٽائون ڪاميٽي هارائڻ ڏکي ڳالهه آهي

ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي بيورو آف سپلائيز جو قلمدان رکندڙ خاص معاون ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ چيو ته ننگر پارڪر مان هارائڻ تي پارٽي ضرور پڇاڻو ڪيو هوندو

هن چيو ته هارايو ڪيئن آهي؟  اهو اتان ( ننگر پارڪر) جا اڳواڻ ئي ٻڌائي سگھن ٿا

 ٻئي پاسي ننگر پارڪر سان واسطو رکندڙ خاص معاون ويرجي ڪولهي چيو ته ٽائون هارائڻ جي سببن بابت مون کي ڪا خبر ناهي ۽  نه وري پارٽي قيادت مون سان رابطو ڪيو آهي

Leave A Comment