نه بابر، نه شاهين نه شاداب اسمٿ سڀ کان مهانگو رانديگر

نه بابر، نه شاهين نه شاداب اسمٿ سڀ کان مهانگو رانديگر

لاهور(اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيو سمٿ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي تاريخ جو سڀ کان مهانگو رانديگر بڻجي ويو آهي، سيالڪوٽ اسٽالينز اسٽيو سمٿ کي 140 ملين رپين ۾ ٽيم جو حصو بڻايو آهي، جنهن کان پوءِ سمٿ پي ايس ايل جي تاريخ جو هاڻي تائين سڀ کان مهانگو رانديگر بڻجي ويو آهي. پشاور زلمي بابر اعظم کي برقرار رکيو آهي ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ شاداب خان کي 70 ملين رپين ۾ برقرار رکيو آهي.