| “نه توهان فائر ڪريو، نه اسان”: پاڪ-افغان قبائلي اڳواڻن ۾ معاهدو |
چترال (م ڊ) پاڪستان ۽ افغانستان عارضي جنگبندي بعد ٻنهي پاسي قبائلي اڳواڻ به ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، بي بي سي موجب سومر ڏينهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ چترال جي علائقي ارندو ۾ مقامي قبائلي اڳواڻن جي سطح تي “نه توهان فائر ڪريو، نه اسان” جي بنياد تي هڪ غير رسمي ۽ غير سرڪاري معاهدو طئي ٿيو، قبائلي اڳواڻن موجب معاهدي سان سرحدي ڳوٺن مان لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي پنهنجي گهرن ڏانهن واپسي ممڪن بڻجي سگهندي. هن معاهدي جو اعلان چترال سان تعلق رکندڙ 13 رڪني جرڳي ۽ افغانستان جي صوبي نورستان سان تعلق رکندڙ 13 رڪني جرڳي وچ ۾ ڇهه ڪلاڪن جي ڊگهي ڳالهين کان پوءِ ڪيو ويو.