نه زمين ڌڏي نه آسمان ڦاٽو، ڀٽ شاهه ۾ پٽ هٿان ڪارنهن تهمت تي امڙ قتل

آگسٽ 4, 2023

ڀٽ شاهه (رپورٽر) ڀٽ شاهه ۾ پٽ ڪارنهن تهمت مڙهي پنهنجي ماءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار ماءُ مارڻ بعد گرفتاري ڏئي ڇڏي

ڀٽ شاھ جي پير محلي ڪچي آبادي ۾ نوجوان اسرار لاشاري ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ماءُ شازيه لاشاري کي گوليون هڻي قتل ڪيو

ڪارنهن الزام هيٺ آيل امام الدين ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، اطلاع تي ڀٽ شاھه پوليس پهچي عورت جو لاش کڻائي صحت مرڪز پهچايو آهي

نوجوان اسرار لاشاري پسٽل سميت پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس ڪارنهن الزام هيٺ آيل امام الدين پلال کي به گرفتار ڪري ورتو آهي

ڀٽ شاھ پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان اسرار لاشاري پنهنجي 35 ورهين جي ماءُ شازيه لاشاري کي ڪارنهن الزام هيٺ ڪيو ۽ پاڻ ئي پوليس وٽ گرفتاري ڏني آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

Leave A Comment