نه سي تڙ هوڙاڪ ….انجنيئر اوڀايو خشڪ

                 ڊسمبر جو مهينو منهنجي زندگيءَ ۾ هڪ خاص اهميت اختيار ڪري ويو آهي. ڊسمبر شروع ٿيندي مونکي 16 ڊسمبر ياد ايندي آهي، جڏهن 25 مارچ 1971 کان اوڀر پاڪستان ۾ شروع ڪيل فوجي ڪارروائي جي نتيجي ۾ بنگلاديش آزادي ماڻي. ڊسمبر هونئن ته گهڻن ئي شخصيتن جي وفات جو ڏينهن آهي، پر منهنجي لاءِ سنڌ ڄائي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو قتل، سنڌ جي آواز شيخ اياز ۽ قاسم پٿر جي وفات ڪري اهميت رکي ٿو. محترما شهيد بينظير ڀٽو جو قتل ملڪ ۾ پهرين ڏينهن کان اسٽيبلشمنٽ طرفان شروع ڪيل سياسي قتلن جو تسلسل آهي، جن جا قاتل گمنام چيا وڃن ٿا.

                 شيخ اياز جيڪو پنهنجي دور جو هڪ وڏو نالي وارو نثر نويس ۽ شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن کي ڪجهه حلقن طرفان سنڌ ۾ شاهه لطيف کان پوءِ وڏو شاعر ليکيو وڃي ٿو. شيخ اياز شاعريءَ ذريعي نه صرف پنهنجي هم عمر نسل کي متاثر ڪيو، پر ان جو اثر ايندڙ نسلن تائين پهتو آهي. انهيءَ جو اندازو تازو سنڌ ۾ ٻٻرلوءِ ڌرڻي ڪري آيل عوامي لهر ۽ شهيد ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي حمايت ۾ ماڻهن جي اٿليل سمونڊ  مان ڪري سگهجي ٿو. گذريل ڊسمبر سان منهنجون ذاتي ۽ خاندان جي حوالي سان ڪجهه يادون وابسته آهن، انهن ذاتي يادن کي هڪ پاسي رکي اڄ قاسم جي حوالي سان ڪجهه ڳالهيون عوام سان ونڊ ڪرڻ چاهيان ٿو.

قاسم جيڪو سڄي سنڌ ۾  قاسم ”پٿر“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو, ان جو جنم هڪ غريب گهراڻي ۾ ٿيو. غربت ڪري قاسم شروع ۾ اهي سڀ ڪم ڪيا، جيڪي هڪ پورهيت ڪندو آهي، جن ۾ مال چارڻ، وِهر ڪرڻ، لابارو ڪرڻ، زمين کيڙڻ ۽ ڪجهه وقت درزيءَ جو ڪم به ڪيو. قاسم بنيادي تعليم مدرسي مان حاصل ڪئي ۽ آخر بي اي ڪئي۔ هن جي سياست ۽ ادب سان دلچسپي ابن حيات پنهور سان ٿيل اتفاقي ملاقات جي ڪري ٿي. اها ملاقات پوءِ نظرياتي دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. قاسم شروع ۾ ميرپور بٺوري سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت کي ٻيھر متحرڪ ڪرڻ لاءِ جيڪا گڏجاڻي ڪراچيءَ ۾ ٿي هئي، ان ۾ ميرپور بٺورو شاخ جي نمائندگي پڻ هئي. ابن حيات پنهور جي ساٿ ڪري قاسم پورهيت سياست ڏانهن مائل ٿيو ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. جڏهن ڪميونسٽ پارٽي  روس ۽ چين نواز ڌڙن ۾ ورهائجي وئي ته ابن حيات پنهور ۽ قاسم چين نواز ڌڙي سان گڏ رهيا. چين نواز، ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري عزيز سلام بخاري هو. ابن حيات پنهور جي ڪوششن سان رسول بخش پليجو هن گروپ ۾ شامل ٿيو. رسول بخش پليجي لاءِ قاسم چوندو هو ته هن سان پهرين ملاقات ٺٽي ۾ لکانو بهراڻي جي آفيس ۾ ٿي. ان وقت لکانو بهراڻي ٻيلي کاتي آفيس ۾ ڪلارڪ هو ۽ اڳتي هلي لکاني اها نوڪري ڇڏي ڏني. ائين بخاري، پليجو، ابن حيات پنهور، قاسم ۽ لکانو گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا. ڪجهه وقت کانپوءِ بخاري سان قومي سوال تي اختلاف ٿيا ۽ لکاني کان سواءِ باقي الڳ ٿي ويا ۽ سنڌي عوامي تحريڪ جو بنياد رکيو ۽ لکانو، بخاريءَ سان رهيو. رسول بخش پليجي کي پارٽي چيئرمين چونڊيو ويو. هي همراهه به گهڻو وقت گڏ نه هلي سگهيا، سڀ کان پهرين ابن حيات پنھور کي پارٽيءَ مان ڪڍيو ويو. 1974ع ۾ قاسم کي به پارٽيءَ مان نيڪالي ڏني وئي. قاسم کي پارٽي مان نيڪالي ڏيڻ کان پهرين پارٽيءَ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ طرفان 24 الزامن تي مشتمل هڪ خط ذريعي قاسم کان وضاحت طلب ڪئي وئي هئي. قاسم جولائي 1974ع ۾ انهن سڀني الزامن جو تفصيل سان جواب ڏنو ۽ هر الزام کي غلط ۽ من گهڙت لکيو۔ آخر ۾ قاسم اهو لکيو ته منهنجو فيصلو مرڪزي ڪاميٽيءَ جي بجاءِ جنرل ڪائونسل ۾ رکيو وڃي ۽ هو جنرل ڪائونسل جي هر فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ پابند هوندو. ڇاڪاڻ هن سمجهيو ئي ته مرڪزي ڪاميٽي شخصيت پرست ميمبرن تي مشتمل آهي. اهو خط سيد اڪبر شاهه ۽ محمد قاسم ميرجت، لاڏيون پوليس لاڪپ ۾ هن کي ڏنو، جتي هو پارٽيءَ جي ڪنهن فيصلي جي پوئواري ڪندي گرفتار ٿيو ۽ جيل ۾ هو۔ انهيءَ خط ۾ ٽي ڳالهيون اهم هيون, جن مطابق قاسم تي رازداري نه رکڻ, تعليم جي خلاف هئڻ ۽ پارٽي ضابطي جي خلاف ورزي ڪرڻ شامل هو. قاسم جي اها ڳالھ قبول نه ڪئي وئي ۽ مرڪزي ڪاميٽيءَ هن خلاف فيصلو ڏنو۔

قاسم پنهنجي جواب ۾ لکيو ته پارٽيءَ اندر ساڄي ڌر ۽ کاٻي ڌر وارا لاڙا آهن. پارٽيءَ جي گڏجاڻين ۾ ساڄي ڌر وارن لاڙن جي مخالفت ڪرڻ باوجود هو، پارٽي جي هر فيصلي تي عمل ڪندو رهيو آهي. انهيءَ لاءِ هو مثال ڏيندو هو ته جڏهن رسول بخش پليجي کي هلال پاڪستان اخبار جي ايڊيٽر ٿيڻ جي آچ ڪئي وئي هئي، ان تي تنظيم اندر بحث ٿيو. تنظيم اندر ساڄي ڌر وارن لاڙن رکندڙ دوستن طرفان اهو چيو ويو ته پيپلزپارٽي سان ٺاهه ڪرڻ گهرجي، هلال پاڪستان جي ايڊيٿري جي آچ قبول ڪري، اخبار تي قبضو ڪري عوام ۾ پنهنجي لاءِ همدردي پيدا ڪرڻ گھرجي۔ گڏجاڻيءَ ۾ قاسم ۽ ٻين کاٻي ڌر وارن لاڙن رکندڙن طرفان ان جي مخالفت ڪئي وئي. اهڙي قسم جا تنظيم اندر نظرياتي بحث ڪندڙن لاءِ پارٽي ۾  رهڻ عذاب ڪيو ويندو هو. انهن کي پوءِ جاهل، عوام دشمن ۽ ايجنٽ چئي انهن خلاف پارٽي ۾ مهم هلائي يا ته ان کي پارٽي مان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو يا پارٽيءَ مان خارج ڪيو ويندو هو. مسعود نوراني جيڪو سنڌ اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن جو چيئرمين هو، ان جا جڏهن رسول بخش پليجي سان اختلاف ٿيا ته هن جي خلاف پناهه جگر سنڌي جي نالي سان هڪ ڪتابچو “مسعود نوراني جواب ڏي” ڪڍيو ويو هو. انهيءَ ۾ مسعود نوراني کي بدنام ڪرڻ لاءِ نامناسب الزام هنيا ويا هئا. جن مان ڪو به هتي دهرائي نٿو سگهجي. آخرڪار مسعود نوراني سنڌي عوامي تحريڪ کان الڳ ٿي ويو. ان کان پوءِ ابن حيات پنهور کي نيڪالي ڏني وئي.

قاسم پٿر ۽ بخاريءَ جي گڏيل ڪم ڪري بٺوري ۽ ان جي آسپاس سياسي ڪارڪن جو هڪ وڏو تعداد پيدا ٿيو. انهن ۾ شير خان لنڊ، اڪبر شاهه، اسماعيل سوهو، اعجاز خواجو, هارون کاڙڪ, پنھون زنئور, زٽو زنگيجو, غلام حسين شورو ۽ ٻيا کوڙ سارا شامل آهن. انهن ڪارڪنن ان وقت بٺوري جي ٻن وڏن زميندارن جمال خان لغاري، ۽ عيسي خواجه سان ٽڪر کائي هارين کي پنهنجو حصو ڏيارڻ ۾ ڪاميابي ماڻي. حقيقت ۾ اهي ٻئي وڏيرا سياسي طرح هڪ ٻئي جي خلاف هوندا هئا، پر هارين جي مسئلي تي هڪ ٿي ويندا هئا. اهڙين ننڍين ننڍين ڪاميابين ڪري بٺوري کي ڪنهن وقت ۾ ويٽنام سڏيو ويندو هو. قاسم جڏهن عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو ته هن اها سڄي محنت سنڌي عوامي تحريڪ جي جهوليءَ ۾ وڌي. قاسم جي پارٽيءَ مان نيڪالي کانپوءِ انهن سڀني ڪارڪنن کي پڻ نيڪالي ڏني وئي. پوءِ اهي ڪارڪن ٽڙي پکڙي ڪو ڪيڏانهن ويو ته ڪو ڪيڏانهن ويو. اهي وري ڪنهن هڪ هنڌ گڏجي نه رهيا.

سنڌي عوامي تحريڪ مان نيڪالي کانپوءِ قاسم “سنڌ نيشنل ڪانگريس” نالي جماعت ٺاهي. 1995ع ۾ سائين جي ايم سيد جي وفات کان پوءِ جڏهن جسقم ٺهڻ تي اختلاف ڪري عبدالخالق جوڻيجي، جيئي سنڌ محاذ برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو ته قاسم، سنڌ نيشنل ڪانگريس کي دوستن جي مشوري سان ختم ڪري جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل ٿيو. اڳتي هلي محاذ مختلف ڌڙن ۾ ورهائجي ويو. قاسم آخر تائين جيئي سنڌ محاذ ۾ رهيو. هن وقت ان ڌڙي جو چيئرمين آدم ٻٽ آهي.

قاسم جي زندگيءَ جو مول متو سنڌ ۽ سنڌ جي غريب، پڙهيل طبقي جي خوشحالي هو. هن جي نظر ۾ سنڌ اول ۽ سنڌ آخر هئي. هو سنڌ ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ ڳاڙهي ڪتاب ۽ داس ڪيپيٽل کي جيئن جو تيئن عملي جامو پهرائڻ جي مخالفت ڪندو هو ۽ سنڌ جي راڄوڻي روايتن ۽ سماجي بيھڪ جي انداز سان سياست ڪرڻ جو حامي هو. هن ڪڏهن به عقيدت پرستيءَ کي قبول نه ڪيو ۽ نه ئي ٻاهران مسلط ڪيل انقلاب ۽ نظرئي جو حامي رهيو.

قاسم سڄي سنڌ ۾ تعلقات هڪ سياسي ڪارڪن کان وٺي سياسي اڳواڻ تائين رکندو هو. انهيءَ جو اندازو هن مان ڪري سگهجي ٿو ته هن جا هڪ ئي وقت پير سائين پاڳاري ۽ جي ايم سيد سان تعلقات هئا. ٻي طرف هو ڪجهه دوستن سان گڏجي هر مهيني جي 17 تاريخ تي سائين جي ايم سيد سان ملڻ لاءِ سن ويندو هو. قاسم سياست ۾ سڄي حياتي گذارڻ ۽ سنڌ جي وڏن وڏن سياسي اڳواڻن سان تعلقات هئڻ باوجود هن ڪو به ذاتي فائدو نه ورتو. آخر ۾ هن جو جنازو سندس مائٽن طرفان بٺوري ۾ جوڙيل گهر مان نڪتو. قومي سياست ۾ اهڙو هڪ ٻيو مثال عبدالواحد آريسر جو آهي، جنهن جو پڻ جنازو سندس ٿر واري جونئري مان کنيو ويو. باقي سڀ اڳواڻ اسان جي سامهون آهن. قاسم ۽ آريسر ٻين دوستن سان گڏجي سنڌ راڄوڻي اتحاد ٺاهيو۔ انھيءَ اتحاد جو ڪو به صدر نه هو پر حافظ صديق ميمڻ کي ان جو آفيس سيڪريٽري چونڊيو ويو هو۔ ان اتحاد هيٺ هنن سڄي سنڌ جو دورو ڪيو. ان اتحاد جي بنياد تي اڳتي هلي سنڌ قومي اتحاد جو بنياد پيو.

قاسم ۾ هڪ خوبي هوندي هئي نه هو سياسي اختلاف ڪري ذاتي لاڳاپا نه ڇڏيندو هو. انهيءَ جو مثال ته جڏهن فاضل راهو کي شهيد ڪيو ويو ته پارٽيءَ ۾ نه هئڻ باوجود قاسم بروقت راهوڪي پهتو ۽ ٽي ڏينهن اتي ترسيو پيو هو. چون ٿا ته فاضل راهو کي الڳ کلي ميدان ۾ دفن ڪرائڻ ۾ قاسم جو هٿ هو. قاسم ۾ هڪ ٻي خوبي اها به هوندي هئي ته جيڪڏهن ڪو نظرياتي ڪارڪن ٿڪجي گهر ويهي رهندو هو ته هن وٽ هلي وڃي ان سان ڪچهريون ڪري وري واپس سياست ۾ وٺي ايندو هو. جڏهن باقر سنائي، بخاريءَ سان اختلاف ڪري ويهي رهيو ته قاسم هڪ کان وڌيڪ دفعا هن سان ملي سمجھايو ته ماٺ ڪري ويھي رهڻ خودڪشيءَ جي برابر آهي. ائين باقر سنائي وري هڪ دفعو ٻيھر پنهنجي پارٽيءَ سان جڙي ويو. حالانڪه ان وقت قاسم, بخاريءَ کي ڇڏي چڪو هو.

قاسم سڄي زندگي سياست کي ڏني، آخر ۾ هن جي ڪوشش هئي ته جسقم ۽ جيئي سنڌ محاذ جي مڙني ڌڙن کي گڏائي هڪ ڪرڻ يا گهٽ ۾ گهٽ گڏجي ڪم ڪرڻ تي راضي ڪجي. زندگي هن کي ايترو وقت نه ڏنو ۽ هو پنهنجا خواب پاڻ سان گڏ کڻي 18 ڊسمبر 2008ع تي اوڏانهن هليو ويو، جتان ڪو به واپس نه موٽيو آهي.