نه ضمانت نه ڪيس ختم، نيب کي شايد مون سان عشق ٿي ويو آهي: دراني

جُولاءِ 15, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي 5 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي

سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني ڪراچي جي احتساب عدالت آڏو پيش ٿيو، نيب پراسيڪيوٽر آغا سراج جي پراپرٽي ويليوئيشن جو رڪارڊ جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري

 آغا سراج دراني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نيب ڪورٽ وارن کي مون سان شايد عشق ٿي ويو آهي جو نه ڪيس ختم ٿا ڪن ۽ نه وري ضمانت ٿا ڏين

هن چيو ته چئن سالن کان نه ڪيس هلايو پيو وڃي ۽ نه وري ختم ڪيو پيو وڃي، پراپرٽي ويليوئيشن جو رڪارڊ اڳ ئي جمع ڪرائي چڪا آهيون

سراج دراني چيو ته حليم عادل شيخ نگران حڪومت جي قيام لاءِ وڏي وزير کي خط لکڻ بدران سامهون اچي

Leave A Comment