| نه فٽبال راند نه فٽبالر: باقراڻي ۾ جديد گرائونڊ ٺهي ويو: سال اندر ئي ڊهڻ لڳو: ڪرڪيٽ ۽ والي بال رانديگرن سوال اٿاري ڇڏيا |
باقراڻي (رپورٽ: لالا برڪت بلوچ) تعليم کاتي سنڌ جون دعوائون ڌوڙ، گورنمينٽ هائير سيڪنڊيري اسڪول باقراڻي جي جديد فٽبال گرائونڊ جي تعمير مڪمل ڪرڻ جون دعوائون ڪرڻ وارا پول پڌرا، ايجوڪيشن ورڪس کاتي لاڙڪاڻي ۽ لاڳاپيل ٺيڪيدار پاران تيار ڪرايل نامڪمل ۽ غير معياري فٽبال گرائونڊ هڪ سال مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي گرائونڊ جو بيسڪ بلاڪ جهريون پيو مختلف هنڌن تي ڏار پئجي ويا، رپورٽ موجب تعليم کاتي سنڌ پاران گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊيري اسڪول باقراڻي جي جديد فٽبال گرائونڊ جي تعمير مڪمل ڪرڻ جون دعوائون ڪيون پيون وڃن، ان سلسلي ۾ تعليم کاتي سنڌ پاران تازو 11 مهينن کانپوءِ گرائونڊ جي ڊرون ذريعي وڊيو جاري ڪري منصوبي کي ڪامياب ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،جڏهن ته ايجوڪيشن ورڪس کاتي لاڙڪاڻي پاران تقريباً 11 مهينا اڳ 18 مارچ 2025 تي فٽبال گرائونڊ جو افتتاح پڻ ڪرايو ويو هو، سوال اهو آهي ته هائير سيڪنڊيري اسڪول باقراڻي سميت باقراڻي شهر توڙي باقراڻي تعلقي ۾ نه فٽبال راند کيڏي ويندي آهي نه ڪو فٽبال رانديگر آهي ته پوءِ فٽبال گرائونڊ تعمير ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت پئي جڏهن ته باقراڻي ۾ ڪرڪيٽ ۽ وال بال راند کيڏي ويندي پر رانديگر گرائونڊ سميت ٻين سهولتن کان محروم بڻيل آهن، تعليم کاتي سنڌ پاران گورئمنٽ بوائز هائير سيڪنڊيري اسڪول باقراڻي ۾ جديد فٽبال گرائونڊ جي تعمير مڪمل ٿيڻ واري دعويٰ جا پول پڌرا ٿي پيا آهن، نامڪمل ۽ غير معياري ڪم ڪرائڻ کانپوءِ هاڻي گرائونڊ جي اصل حالت سامهون اچي وئي آهي، ايجوڪيشن ورڪس کاتي لاڙڪاڻي ۽ لاڳاپيل ٺيڪيدار پاران تيار ڪرايل فٽبال گرائونڊ شروعات کان ئي معيار تي پورو نه لٿو، افتتاح جي هڪ سال مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي گرائونڊ جو بيسڪ بلاڪ جهريون وڃڻ لڳو، مختلف هنڌن تي ڏار پئجي ويا آهن، جڏهن ته گرائونڊ جي مجموعي ڍانچي ۾ ڪمزورين واضح طور نظر اچي رهيون آهن، حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته گرائونڊ ۾ نه لائيٽنگ سسٽم لڳايو ويو، نه ئي مناسب رنگ روغن ڪيو ويو، لڳايل ڄاري پڻ غير معياري هجڻ سبب ڦاٽي چڪي آهي، جڏهن ته فٽبال جا گول پوسٽ به چوري ٿي وڃڻ جا اطلاع پڻ آهن، ان سان گڏ اسڪول انتظاميا طرفان گرائونڊ جي صفائي ۽ سار سنڀال ۾ به سخت لاپرواهي نظر اچي رهي آهي، جنهن ڪري گرائونڊ وڌيڪ تباهي جو شڪار ٿي رهيو آهي،