| نه لوڊشيڊنگ نه بل: ليپ ٽاپ جي بيٽرين مان بجلي تيار |
پيرس(انٽريسٽنگ نيوز) بنا لوڊشيڊنگ ۽ بنا بل ڀرڻ جي ليپ ٽاپ جي بيٽرين مان بجلي تيار ڪرڻ جو حيرت ۾ وجهندڙ انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب فرانس ۾ گلو بڪس نالي هڪ شهري انوکو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي جنهن جديد تحقيق لاءِ نوان رستا کولي ڇڏيا آهن. رپورٽ موجب گلوبس ليپ ٽاپ جي بيٽرين مان بجلي تيار ڪئي آهي جنهن سان هو پنهنجي سموري گهر جي بجلي واري ضرورت بنا ڪنهن بل ڀرڻ جي ۽ بنا ڪنهن لوڊشيڊنگ جي پوري ڪري رهيو آهي . چيو پيو وڃي ته شهري استعمال ٿيل هڪ هزار بيٽريون گڏ ڪري انهن مان اندريان سيل (ليٿيم 18650) ٻاهر ڪڍيا، گلو بڪس انهن سيلز کي هڪ خاص ريڪ سسٽم ۾ٻيهر جوڙيو ته جيئن هو وڌيڪ مستحڪم بيٽري پيڪ بڻجي سگهي. اهڙي ريت بيٽري تيار ڪئي وئي. شهري سولر پينل به لڳايو ۽ اها بيٽري بينڪ 50 ميٽر پري رکي ڇڏي ته جيئن باهه يا شارٽ سرڪٽ جو خطرو گهٽ هجي. ان حوالي سان گلوبڪس جو چوڻ آهي ته بجلي جو اهو نظام بنا ڪنهن لوڊشيڊنگ لاڳيتو 8 سالن کان هلندڙ آهي. هن پنهنجو سولر سسٽم به اپ گريڊ ڪيو آهي. هن چيو ته شروع ۾ اهو نظام لڳ ڀڳ 7 ڪلو واٽ بجلي پيدا ڪندو هو پر هاڻ اهو وڌي 56 ڪلو واٽ تائين پهچي چڪو آهي . اهو پروجيڪٽ نه رڳو توانائي جي خودڪفالت جو مثال آهي پر اليڪٽرانڪ ويسٽ جو فائديمند طريقي سان ري سائيڪل ڪرڻ جو بهترين مثال به آهي.