نه مغوي بازياب ٿيا نه سردار تيغو گرفتار ٿيو: عرفان سمون جي ڌمڪي ٻوٽو نه ٻاريو: پوليس ڪارڪردگي سواليه نشان بڻيل

جُولاءِ 10, 2023

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: لياقت کوسو) ايس ايس پي عرفان سمون جي ڌمڪي به ڪم نه آئي، ايس ايڇ او ڪشمور سميت 3 مغوي بازياب نه ٿيا، نه ئي سردار تيغو خان تيغاڻي گرفتار ٿيو، پوليس جي ڪارڪردگي سواليا نشان بڻجي وئي

تفصيل موجب ڳڙهي تيغو جي ڪچي مان اغوا ٿيل ڪشمور جي ايس ايڇ او گل محمد مهر ساٿي پوليس اهلڪار نبي داد منگي ۽ مقامي شخص سرور چاچڙ  4 ڏينهن کان ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن

ايس ايس پي عرفان سمون سميت پوليس جي وڏي نفري ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ موجود هجڻ باوجود 4 ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪري سگهي آهي ۽ پنهنجي ڀٽي ڀائرن کي بازياب ڪرائڻ ۾ بيوس نظر پئي اچي

هي به پڙهندا

ٻئي طرف گذريل ڏينهن ايس ايس پي عرفان سمون جي تيغاڻي سردار تيغو خان کي مغوين جي بازيابي لاءِ ڏنل مهلت به ختم ٿي وئي هئي جنهن بعد پوليس سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا پڻ هنيا پر هو گرفتار نه ٿي سگهيو

هوڏانهن ٽنهي مغوين جي بازياب نه ٿيڻ تي سوشل ميڊيا تي وڏو بحث ڇڙي پيو آهي جنهن ۾ پوليس جي ڪارڪردگي تي سوال ڪيا پيا وڃن ۽ ايس ايس پي عرفان سمون جي ڌمڪي کي به سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي

شهرين جو چوڻ آهي ته ڪشمور ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي پوليس مڪمل طور ناڪام نظر پئي اچي هر ڏينهن تي ڪو نه ڪو ماڻهو اغوا ٿي وڃي ٿو ۽ پوليس ڪجهه به ڪري نٿي سگهي

شهرين مطالبو ڪيو آهي ته ضلعي ۾ امن امان بحال ڪرائڻ لاءِ اعليٰ سطح تي قدم کنيا وڃن ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي

ايس ايس پي عرفان سمون چيو آهي ته تيغو خان تيغاڻي پنجاب فرار ٿي ويو آهي، تاريخ ۾پهريون ڀيرو پوليس ڪنهن سردار ۾ هٿ وڌا آهن، سردار تيغو خان تيغاڻي جو چوڻ آهي ته گذريل رات کان صبح دير تائين ڪنڌڪوٽ ۾ هيس، ايس ايس پي کي چيو ته گرفتار ڪرڻو آهي ته ڀلي شوق پورو ڪري، ايس ايس پي عرفان سمون صرف بيان بازي تائين محدود آهي، منهنجي خلاف سياسي مخالفت جي ڪري ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، مون صبح به دوستن کي چيو ته ڪنهن ڪم سان پنجاب ويندس، وري به ڪنڌڪوٽ موٽي ايندس

لاڳاپيل پوسٽون

  • دادو: جوابدارن پاران نينگري سان جنسي زيادتي

  • ايران جو اسرائيل تي ڏهون وڏو حملو

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا

  • ساڍا 4 سئو پاڪستاني وطن واپس